ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ٻھارا پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري ۽ عوامي تحريڪ تعلقي ميرپور ساڪري جو اڳواڻ ڪامريڊ محمد عمر پليجو ڪافي وقت جگر جي بيماري ۾ مبتلا رھڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز ڳوٺ خالق ڏنو پليجو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو، عبدالغني بگھياڙ، گھنور زئور، رزاق چانڊيو سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي  ڌرين ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي.