حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو پاران ريجن ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف ڪارروائي ڪري 1536 ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، حيسڪو ترجمان موجب ڪاررواين دوران 632 باقيدارن جا بجلي ڪنيڪشن به بقايائن جي عدم ادائيگي سبب ڪٽيا ويا آهن، حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد، ڪوهسار، صدر، گاڏي کاتو، قاسم آباد، ڦليلي،  پريٽ آباد، حسين آباد، مير حسن آباد، جڏهن ته نوابشاهه جي دوڙ، سڪرنڊ، سعيد آباد، قاضي احمد، ٺٽو، ٽنڊو آدم، ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول سميت ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪري  1536 غيرقانوني لڳل ڪنڊا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا.