ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت نسله ٽاور جي غير قانوني اڏاوت ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد بلڊر عبدالقادر ۽ ايم پي جي او جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ولايت خان سميت 3 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 31 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي، ياد رهي ته عدالت جوابدارن جي 10-10 لک رپين ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي. ڄاڻايل ڪيس ۾ ڪي ايم سي جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر وسيم ۽ نديم بشير گرفتار ٿيل آهن.