ٺل (ن پ ا) ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۾ 13 ڏينهن مدرسي مان يتيم نينگر مظفر سومرو جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ وارو مامرو، پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار مولوي ڪريم بخش سومرو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۽ مزاري لاشاري ڀرسان چڙهايون ڪيون پر هٿ نه آيو.هوڏانهن مقتول نينگر مظفر سومرو جي فوتي ڀاءُ راڻو عرف يونس سومرو جي ٽيجهي جو رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون.ٻئي طرف مقتول نينگر جي ماءُ پياري خاتون صحافين آڏو دانهيو ته جيستائين پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين دل کي راحت نه ملندي.هن چيو ته اميد آهي ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪندي، جيڪي مولوي اسان جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن اهي منهنجي پٽ قاتلن جا ساٿاري آهي.پوليس موجب نينگر قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪيون پر جوابدار هٿ ناهن آيا.ٻئي پاسي مقتول نينگر جي مامي حاجي شريف سومرو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته بااثر راڄوڻي لاءِ دٻاءَ وجهي رهيا آهن،هن چيو ته عبدالمنان هاليجوي، مفتي علي حسن ٻرڙو ۽ ٻين تڏي تي پهچي ڌمڪايو ته نينگر قتل ڪيس تان هٿ نه کڻندو ته توهان خلاف به ڪيس داخل ڪرائينداسين، ناجائزي به اسان سان ٿي ۽ ڌمڪايو به پيو وڃي.