مورو (ن پ ا) مورو شھر جي شيخ محلي ۾ ڏيڍ سال اڳ ديوار کڻڻ تان سولنگي ۽ خاصخيلي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۽ نوجوان عبدالغفار سولنگي جي قتل ۽ ٻن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري معاملي جو نبيرو علي اصغر سولنگي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، ان موقعي تي امينن دوست سولنگي، عبدالسلام سولنگي، روشن جتوئي، علي اڪبر چانڊيو ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون، جنهن بعد علي اصغر سولنگي فتويٰ جاري ڪئيم جنهن تحت خاصخيلي ڌر کي ڏوهي قرار ڏيندي مٿس 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڏوهي ڌر تڏي تي وڃي معافي پڻ وٺندي، ڌريون فيصلو قبول ڪري کير کنڊ ٿي ويون،

واضح رهي ته قتل جو پنجن جوابدارن حاجي محمد خان خاصخيلي عرف پوڙھو، خالد خاصخيلي، ممتاز خاصخيلي، ڪاشف خاصخيلي ۽ خادم خاصخيلي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ عدالت جوابدارن کي 2 – 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ۽ 3 – 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي ھئي،