سڳيون (ن پ ا) سڳيون لڳ سمي ڀرسان ڳوٺ سومر کوکر ۾ گهر جو راشن گهرڻ تان جنوني مڙس ڪھاڙين جا وار ڪري زال سخت زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد ناريءَ کي اسپتال داخل ڪرايو ويو. وارثن آچر کوکر، رياض ۽ مختيار کوکر ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان ناري شمشاد پنهنجي مڙس عرفان کوکر کان گهر جي راشن جي گهر ڪئي ته هن ڪهاڙين جا وار ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جو ڏي وٺ جو رشتو ٿيل آهي. ڪجھه ڏينهن پهريان به اسان جي نياڻي کي سندس مڙس ۽ ڏيرن تشدد جو نشانو بڻايو هو. گذريل ڏينهن عرفان اسان جي نياڻي کي ڪهاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته نياڻيءَ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو معجزاڻي طور بچي وئي آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي