سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) سرحد ڀرسان ڪجهه ڏينهن اڳ امام بارگاهه جهانپور شريف ۾ ملهڻ ۽ لانگاهه ڌرين جي جهيڙي دوران مارجي ويل نينگر راجا حسين ملهڻ واري معاملي جو جرڳو، لانگاهه ڌُر مٿان 35 لک ڏنڊ مقرر. خبر موجب 10 ڏينهن اڳ سرحد جهانپور شريف جي امام بارگاهه ۾ ملهڻ ۽ لانگاهه ڌرين ۾ سبيل ھلائڻ تان ٿيل جهيڙي دوران ڌڪ لڳڻ سبب  نينگر راجا حسين ملهڻ فوت ٿي ويو هو. وارثن پاران نينگر جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو هو، نه وري ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي. ڄاڻايل واقعي جو جهانپور شريف ۾  حنيف ملهڻ ۽ ٻين جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ لانگاهه ڌُر مٿان 35 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مقتول جي والد خادم حسين ملھڻ ۽ لانگاھ ڌر ان حوالي سان موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته جرڳي ۾ لانگاھ برداري مٿان نينگر راجا حسين ملھڻ جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي35 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف جرڳو ڪندڙ محمد حنيف ملهڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرائي وئي آھي. لانگاهه ڌُر مٿان مقرر ڪيل ڏنڊ پاڪ ڪتاب ۽  سيد برادري جي ميڙ اچڻ تي  مقتول جي وارثن معاف ڪري ڇڏيو آھي.