ڳيريلو (ن پ ا ) ڳيريلي ويجهو ڳوٺ ٿريچا تي قمبر پوليس ارباب رنگ جي گهر تي چڙهائي ڪئي.امير علي رنگ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته پوليس هڪ عورت گلشاد ۽ سندس مڙس ضمير کي کڻي وئي آهي، مزاحمت ڪرڻ تي پوليس رفيق چانڊيو کي ڪار جو ٽڪر هڻي  سخت زخمي ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته ڇوڪري گوپانگن جي ڇوڪريءَ سان پيار پرڻو ڪيو آهي، ن اسان جو تعلق ناهي. هوڏانهن ڳيريلو پوليس رفيق علي چانڊيو کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ڏوڪري علاج لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.