مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسو ڀرڳڙي ويجھو ڳوٺ گل محمد ڇلگري  ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي ڪنهن به وقت بلڊنگ ڪرڻ جو خطرو وڌي ويو ان حوالي سان هتان جي رهواسين اعجاز ڇلگري,قمبر ڇلگري,جاويد ڇلگري ۽ ٻين  ڳوٺ وارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي نياڻين جي اسڪول جي بلڊنگ خطرناڪ حال ٿي پئي آھي اسان ٻارڙين کي اسڪول موڪلڻ کانپوء ڊڄون ٿا ته اسان جي نياڻين جي مٿان اسڪول جي ڇت  مان چاپڙ نه ڪري پون اسڪول جي ڪمپائونڊ وال ديوار سڄي ڪري پٽ ٿي وئي آھي اسڪول ۾ ڪتا ۽  ٻياجانور به آساني سان اندر اچي وڃن پيا. هنن چيو ته اسان هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺهرائي ڏني وڃي ته جيئن اسان جي ڳوٺ جون نياڻيون بنا خوف جي تعليم پرائي سگهن.