فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ويجهو ڳوٺ گرڪڻ جي نوجوان زميندار عاشق حسين چانڊيو پنهنجي ڪاڇي جي 10 جريب زمين تي ڪڻڪ جو ڀلو فصل اپائي في جريب تي 27 مڻ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ تي پنهنجي ھاري ربايت علي چانڊيو ۽ ڀرپاسي جي ٻين ھارين کي گهرائي ٻني تي ڇيلي جي دعوت کارائي پنهنجي ھاري ربايت چانڊيو کي ڀلو بوسڪي جو پٽڪو پارائي مبارڪون ڏنيون.جڏھن ته نوجوان زميندار عاشق علي چانڍيو چيو ته پنهنجي ھاري جي شاندار محنت ڪرڻ تي انتھائي خوشي ٿي آهي . ھي پورھيت جي محنت جو ئي سلو آهي جو منهنجي 10 جريب زمين جو ان 279 مڻ ڪڻڪ لٿي آهي ھن چيو ته آء ڏاڍو خوش آهيان سڀئي ھاري ربايت وانگي محنت ۽ لگن سان ڪم ڪن ته وڌ کان وڌ ان اپائي سگهجي ٿو.ٻي طرف پورھيت ھاري جو چوڻ آهي ته علائقي جا اڪثر زميندار وڏا ظالم ھوندا آهن جيڪي پورھيتن جي حقن تي ڌاڙو ھڻندا آهن جنهن ڪري پورهيتن جي دل آزاري ٿيندي آهي.پرسنڌ ۾ عاشق چانڊيو جهڙا نوجوان زميندار به آهن ھن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جو ڀلو فصل لهڻ عاشق جهڙي نوجوان زميندار جي شفقت پيار ۽ محبت جو نتيجو آهي جو في جريب 27 مڻ کان مٿي لٿو آهي.