اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ٽو جي سڀ کان اول متاثر ٿيندڙ ڳوٺ سينهري درس جي رهواسين منظور درس.عبدالسلام.سجاد درس چاندو ڀيل راڻو ڀيل سونو ڪولهي ۽ ٻين 3 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان ڪمپني انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو، مظاهرين چيو ته ٿرڪول ۽ ملڪي ترقي خاطر سڀ کان اول اسان قرباني ڏيئي پنهنجو ڳوٺ زمينون سڀ ڪجھه ختم ڪيو، اڄ اينگرو ڪمپني جا مفاد پورا ٿيڻ بعد اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اسان جا جائز مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن، مظاهرين چيو ته  8 اپريل تي سائيڊ آفيس وٽ ڌرڻو هنيو ويندو.