ڳيريلو (ن پ ا ) ڳيريلو ۾ ناري سان مبينا زيادتي،  الزام هيٺ آيل ڳوٺ قادربخش ڀٽو واسي نوجوان سمير علي پٽ ديدار ڦلپوٽو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڳوٺ قادربخش ڀٽو ڪلي واسي ناري اقرار اتيرو جي  والد ديدار اتيرو  ٿاڻي تي ايف آءِ آر دخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته  مسلسل 4 مهينن کان  سمير ڦلپوٽو هٿيارن جي زور تي  گهر ۾ داخل ٿي منهنجي نياڻي اقرا سان  زيادتي ڪندو رهيو آهي  ۽ ان دوران هو اقرا کي ڪنهن سان به اهڙو ذڪر نه ڪرڻ جو چئي  موتمار ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪندو رهيو، اڄ منهنجي نياڻي جي اوچتو طبيعت خراب ٿي جنهن کي اسان ڊاڪٽر وٽ وٺي وياسين، جتي ڊاڪٽرن نياڻي کي   حمل هجڻ جو ٻڌايو آهي، پڇا ڪرڻ تي منهنجي نياڻي پاڻ سان ٿيل زيادتي بابت ٻڌايو آهي، هوڏانهن  ڳيريلو پوليس موجب ته   ناري جي والد جي فرياد تي سمير ڦلپوٽو ۽ 2 اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ آيل مک جوابدار سمير ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.