نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد پوليس ڳوٺ اﷲ بخش کوسو جي خيمن ۾ ڳوٺاڻن جي گهرن تي ڪاھ ڪري  3 ڳوٺاڻن خان محمد، غلام نبي ۽ صدرالدين ايري کي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري کڻي وئي، ٻي طرف گرفتار ٿيل ڳوٺاڻي صدرالدين ايري جِي ڀيڻ مسمات بچل خاتون، ڀاءُ نثار احمد ۽ پٽ ارباز ايري احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ الله بخش کوسي مان 2 سولر پليٽون چوري ٿي ويون آهن، جن جي الزام ۾ پوليس رات جو اسان جي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري اسان جي تنبن ۾ گهڙي تشدد بعد اسان جي ڀاءُ صدرالدين ۽ ٻن ٻين مائٽن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، هنن چيو ته نوجوان بيگناهه آهن.