ڳيريلو: عورتاڻي آواز تي هرکجي مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان بازياب

0
250

ڳيريلو (ن پ ا) ٻه مهيا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي  مبينا اغوا ٿي ويل ڳيريلو واسي نوجوان ڪريم بخش ابڙو  بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي

ان سلسلي ۾ نوجوان جي چاچي مولا بخش ابڙو ٻڌايو ته  اسان کي اڻڄاتل نمبر تان فون آئي ته اوهان جو نوجوان ڪريم بخش ابڙو ڪرم پور روڊ وٽ بيهوشي واري حالت ۾ پيل آهي جنهن بعد اسان نوجوان کي اتان کڻائي گهر پهتا آهيون

هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽي ڏينهن اڳ سندس جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب گهمايو هيو جنهن تي ڌاڙيلن رحم ڪري اسان جي نوجوان کي ڇڏيو آهي، ڪوبه ڀُنگ ناهي ڏنو، جڏهن ته علائقي ۾ 12 لک ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول آهن