بنا ثبوت شريف فيملي خلاف ڪيس ٺاهڻ جو چيو ويو: بشير ميمڻ

0
325
بنا ثبوت شريف فيملي خلاف ڪيس ٺاهڻ جو چيو ويو: بشير ميمڻ
بنا ثبوت شريف فيملي خلاف ڪيس ٺاهڻ جو چيو ويو: بشير ميمڻ

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ هڪ ڀيرو وري الزام مڙهيو آهي ته کيس شريف خاندان جي ماڻهن تي بنا ثبوت جي ڪيس ٺاهڻ جو چيو ويو هو

لاهور جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته هي ڪيس سندس سامهون آيو هو، مون کي به چيو ويو هو، شهباز شريف جي فائل ڏسي چيو ته مني لانڊرنگ ڪيس نٿو ٺهي

بشير ميمڻ موجب جنهن شهباز شريف تي جنهن عرب شيخ کي فائدو پهچائڻ جو الزام لڳايو ويو هاڻي هو هاڻي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو آهي، سندس ڪيترن ئي وزيرن سان تصويرون آهن

هن چيو ته مون کي چيو ويو ته شريف خاندان خلاف ڪيس ٺاهيو وڃي، انٽرويو ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون حڪومت انهن کي پرکڻ بجاءِ مون تي ئي الزام لڳائي ڇڏيا

هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ٽرولز پگهارون وٺي ماڻهن جون پڳڙيون لاهن ٿا، ايف آءِ اي اختاريون اداري جي ساک کي نقصان نه پهچائن