ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … نيٺ صبح ٿيندو !

0
49
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... نيٺ صبح ٿيندو !

 ان ڏينھن ھڪڙي صحافي ٽوڪ ھڻندي چيو ته، سائين سنڌي توھان سان گڏ ته ناھن. اھي اقتداري ڌرين جو لکن جي تعداد ۾ استقبال ڪن ٿا. 2018 ۾ عمران خان جو مُھين جي دڙي کان دادوءَ تائين لکين سنڌين آڌرڀاءُ ڪيو ھو. جنھن پيپلز پارٽي کي توھان سنڌ جي تباھي جو ذميوار سڏيو ٿا، ان کي سنڌي ووٽ ڪن ٿا. سندن ورسين، جلسن ۽ ڌرڻن ۾ ھزارين سنڌي شريڪ ٿين ٿا، پوءِ به ان قوم لاءِ ڇو ٿا جيءُ جنجال ۾ وجھو!

                 گھڙي کن لاءِ اکين ۾ پوسل جھڙي ڪيفيت محسوس ٿي. اچانڪ منهنجي اڳيان پنھجي تاريخ جي سمورن سورمن جي رت جي ڳاڙھسري لڪير ڊوڙي وئي. کيس رھبر لطيف جو بيت ٻڌايم ته،

وڃو سڀ وري، آئون نه ورندي وَر ري،

ٻُنڀيان جن ٻَري، ڏونگر سي ڏورينديون.

                 کيس چيم ته، ھا برابر. اھو سچ آھي ته قوم بي حسيءَ جي ڪاري ڪُن ۾ ڪنھن سامونڊي غوراب وانگر ڦاسي پئي آھي پر ڀيانڪ سچ اھو آھي ته مادرِ وطن جي وجود کي ھزارين واڳون وڪوڙي ويا آھن. ھڪ طرف اسان جو ٻاجھارو، شفيق ۽ زندگي جو ضامن درياھ اسان کان سدائين لاءِ کسجي چڪو آھي. اڄ انڊس رِوَر ۾ پاڻي جي حالت اھڙي آھي، جو اسان جي پوڇڙ وارن ضلعن ۾ ميت کي غسل ڏيڻ جيترو به پاڻي مھيا ناھي. گڏاپ کان وٺي ڪتي واري قبر ضلع قمبر- شھدادڪوٽ تائين سنڌ جي حسين جابلو پٽي والارجي چڪي آھي. ڪٿي جبلن جي وڍ ڪٽ ٿي ھلي ته ڪٿي جبلن کي جوالا مکي بڻايو ويو آھي. ورديءَ وارن پورو پھاڙي سلسلو اسان جي پھچ کان پري ڪري ڇڏيو آھي. ڌارين جي يلغار کي ڪو ٻنجو ناھي. ڪراچي کان پوءِ ھاڻ نوان ٺھندڙ شھر بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي، ڊي ايڇ اي، سيف سٽي وغيره ڌارين جي تسلط ھيٺ اچي چڪا آھن. پٺاڻن جي آبادڪاري ضلعي ٺٽي، سجاول، بدين کان ويندي ننگر پارڪر تائين منظم ٿي چڪي آھي. انڊس ھاءِ وي ۽ نيشنل ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن تي سمورو ڪاروبار پٺاڻن جو آھي، جنھن ۾ اڪثريت افغانين جي آھي، جيڪي جديد ھٿيار کپائين ٿا. انساني زندگين کي برباد ڪندڙ ھر قسم جي منشيات جو وکر وڪرو پيو ٿئي. اتر جا ست ضلعا ڌاڙيلن جي جدا رياست بڻيل آھن. اغوا ڪاري روز جو معمول بڻيل آھي. رياستي ادارا ڌاڙيل راڄ کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ ان جا سھولتڪار بڻيل آھن. ڳالھ ھاڻ سردارن ۽ روايتي ڀوتارن کان نڪري ملڪ جي آڳي واڳي قوتن تائين وڃي پھتي آھي. امن تباھ ٿي ويو آھي. استاد ماريا پيا وڃن. ٻار اغوا پيا ٿين. ماڻھن کي ضيائي مارشلا واري دور وانگر ڪانواءِ جي شڪل ۾ گھرن تائين پھچڻو ٿو پوي. ھڪ خاص رٿا تحت سنڌي ھندن کي ٽارگيٽ ڪري کانئن سنڌ ڇڏرائي پئي وڃي. مھانگائي رمضان جھڙي مقدس مھيني ۾ به گھٽجڻ بجاءِ وڌي رھي آھي. اٽو، گيھ، ميوا، ڪڪڙ، ڀاڄيون وٺڻ محال ٿي ويون آھن. روح ۽ بدن جو رشتو قائم رکڻ مشڪل ٿي چڪو آھي. عوام الناس وٽ سحري ۽ افطاري لاءِ کجور به ناھي. ترقي جي اڀ کي ڇھندڙ پنجاب کي مريم نواز وڌيڪ سڌارن سان نوازي پئي. ڌڙا ڌڙ پيڪيج عوام کي ڏنا پيا وڃن. ھتي چيف منسٽر فوٽو سيشن، پريس ڪانفرنسن، درگاھن تي حاضرين ۽ پنج ھزار في ڪٽنب جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جھڙي اعلان کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناھي. لکين نوجوان اعليٰ قسم جون تعليمي ڊگريون ھٿن ۾ کڻيو ڀٽڪن پيا پر پئسن جي ۽ سفارش تي ملندڙ نوڪرين جو ھما پکي سندن مٿي تي ڪيئن ويھي سگھي! وٽن ٻئي طريقا ناھن. سنڌ ۾ 52 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آھي پر عورت ھڪ طرف جبري شادين، ڪارو ڪاري، اڻھوند ۽ جنسي تشدد جو شڪار آھي ته ٻئي طرف، جي مشڪل سان يونيورسٽي سطح تائين پڙھي به آئي ته سندس رستا روڪ ٿيندي. پھريان تعليم دوران کيس حراسان ڪيو ويندو، پوءِ جي نائلا رند وانگر قتل ٿيڻ کان بچي به وئي ته ڳوٺ موٽي وڃي رليون سبندي ۽ ٿانءَ ٻُھاري ڪندي. ھن سنڌي سماج ۾ سندس صلاحيتن جو اجورو کيس ملي، اھو ممڪن ناھي. سنڌ تي اسلام آباد، راولپنڊي، نواب شاهه ۽ لاڙڪاڻي جي چار رڪني سوچ ٿاڦيل آھي. ان موجب ھن سيڪيولر لبرل صوفياڻي مزاج واري تاريخي قوم جا معاشي دڳ بند ڪري کيس سياسي گيس چئمبر ۾ اڇلائي ڇڏڻو آھي، جتي اھا چڙي چڙي مري ويندي.

ھا اھو سچ آھي ته قوم جي اڪثريت کي ان قسم جي مشڪل حالات جو پورو ادراڪ ناھي پر ياد رھي ته جڏھن جڏھن قومون اھڙي لاتعلقي، خاموشي، ۽ ذھني، سياسي، سماجي، غلامي جي ڌٻڻ م مڪمل ڦاسي پونديون آھن، جڏھن وطن جا سمورا ماڻھو موت جھڙي ماٺ ۾ محو ٿي ويندا آھن، جڏھن شھر آفيم جي عادي موالي وانگر اکيون بند ڪري ويھي رھندا آھن، ڳوٺ مري ويل ماڻھوءَ جي دل وانگر ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندا آھن، تڏھن ئي ڀلي ۽ ڀاڙيي جي پرک ٿيندي آھي. سچي ۽ ڪوڙي جو اندازو ٿيندو آھي. وفادار ۽ غدار جي پروڙ پوندي آھي. اھڙي ڏڪار جھڙي ڏيھ ۾ حق ۽ صداقت جي ڀر وٺي بيھندڙ نئين ديس جا نغارا وڄائيندا آھن. تاريخ جي منھن تان ڌوڙ ڌوئندا آھن. پوءِ مِٽيءَ جو مان مھڪندو آھي. شھر ڇرڪ ڀري جاڳندا آھن. ڳوٺ ڪوما جي ڪيفيت ٽوڙي ٽھڪ ڏيندا آھن. ڀلي کڻي اڄ سنڌي بيخبري جي بازار ۾ اغوا ٿي آيل عورت جي عزت وانگر وڪجي رھيا آھن، ڀلي کڻي ھي نئين نسل جي نڀاڳ جو دور آھي، جو اسين عشق جي ميدان م پنھجا وچن وساري ديس کپائيندڙ ڌاڙيلن اڳيان جيئي جيئي جي جھومر تي پنھجا نينھن ننگا ڪري رھيا آھيون. واقعي ئي ھي سخت بيوفائين جو زھريلو زمانو آھي، جنھن ۾ شاعرن جا نظم، عالمن جون دستارون، استادن جون عظمتون، قلم ڌڻين جا ڪالم. ڪھاڻيون، نوجوانن جا نعرا اڪثريتي ٽَڪي مُلھ وڪامي رھيا آھن پر اسين ان خوف ۽ بزدلي جي ماتم کي مات ڏئي پنھنجي خونِ جگر سان ايندڙ سنڌ جي عظمت جا مينار جوڙڻ چاھيون ٿا. اسين ڄاڻون ٿا ته ھي معصوم گلڙن جھڙن ٻارڙن جون اميدون ضرور سرخ سويرن جو روپ وٺنديون، جيڪي جھنڊا کڻي جيئي سنڌ چون ٿا. اسين جڏھن به تارن ڀري رات جو، کليل اڱڻ ۾ آسمان کي ڏسون ٿا ته ھر ستارو اسان کي پنھنجي شھيد ساٿين جي روح جيان ٿو لڳي، جيڪي ڄڻ چئي رھيا آھن ته،

جڏھن به سانوڻيون اچن

ڇمر الوٽ ٿي نچن

گھٽا گھٽا گرجي وسي

تڏھن نه ھي وسارجو

ته ڪير سڃ ۾ ستو

ڪير ماڳ ۾ مئو

ڪڏھن ڪڏھن ته سارجو

ڪڏھن ڪڏھن ته سارجو

پوءِ اسانجي اکين مان ننڊ پرڙا ڪري اڏامي ويندي آھي. قسم آھي شھيد دولھ درياخان جي مقدس رت جي ڦڙي ڦڙي جو ته پنھنجي محبوبائن جي ڀاڪرن م سمھڻ کي پنھنجي لاءِ گناھ ڪبيرا سمجھندا آھيون. اسان کي ويساھ آھي ته ھي راوڻ جھڙي رات ھميشه نه ھوندي. ھي ٺوڳي ڦوڳي چور لٽيرا شڪست خورده ٿي نيٺ پنھنجا زخم چٽيندا. سنڌ آجي ٿيندي. ڇا موجوده حاڪم پورچوگيزن، تاتارين، ارغونن، انگريزن کان وڌيڪ چالاڪ آھن؟ ھر جابر جي آخرت ڪني ٿيندي آھي. تاريخ ھر قوم وانگر ھن قوم جي حق ۾ به پاسو ورائيندي. ھي حمله آور آخر ۾ ھٽلر وانگر پاڻ کي گولي ھڻي ماريندا. اسين نه به ھونداسين ته به اسان جا روح سجاول جي سون سريکين شامن ۾، ماڇڪي جي من موھيندڙ صبحن ۾، سمبارا ناچڻي وانگر رقص ڪندا رھندا. اسان کي ماريو به ويو ته به اسان جا ڀاڳ ڀلارا ٿيندا. آئون ته جڏھن دولھ دريا خان پل وٽان يا مِٺي جي گڊي ڀٽ وٽان بيھي ڏسندو آھيان ته جديد مصر جي عاشق حسنين ھيڪل وانگر رڙ ڪري چوندو آھيان ته مار، سنڌ ايڏي خوبصورت آھي!!

آئون جڏھن سنڌي نياڻين جي واتان شادين سھرا ٻڌندو آھيان ته چوندو آھيان ھن محبوب ديس تان ھزار جنم واري ڇڏيان، ھزار عاشقيون گھوري ڇڏيان، پر اھو سڀ ڪجھ آئون اڪيلو ئي نه، ڌرتي جا ھزارين ديوانا ائين ۽ اھڙا آھن، جيڪي اڏيءَ تي ڪسجڻ لاءِ ھر وقت آتا آھن.

تيري عشق ڪي انتھا چاھتا ھون

ميري سادگي ديک ڪيا چاھتا ھون

ڀري  بزم مين راز ڪي بات ڪھ دي

گناھگار ھون مين سزا چاھتا ھون