ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ هڪ زرعي سائنسدان

0
46
ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ هڪ زرعي سائنسدان

 رياست پاڪستان جا حڪمران طبقا ۽ اصل مالڪ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪيترا پاڻ پتوڙيندڙ، پريشان ۽ فڪرمند آهن، تنهن جو هڪ مٿاڇرو جائزو ته ملڪ جي موجوده معاشي، سياسي۽ سفارتي صورتحال مان لڳائي سگهجي ٿو. ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري پنهنجي عروج تي آهي. ۽ وري ٻئي پاسي ڏينهون ڏينهن ملڪ وڌيڪ قرضي ٿيندو وڃي پيو ۽ هن وقت پاڪستان جنهن جي ڪل معيشت 350 ارب ڊالرز جي آهي ۽ اهو دنيا جي مختلف ادارن، ملڪن ۽ خود ملڪ اندر 149 ارب ڊالرز جو قرضي ٿي چڪو آهي ۽ روز نوان نوان قرض پڻ وٺي رهيو آهي ۽ هن وقت به آءِ ايم ايف کان 1 ارب 20 ڪروڙ ڊالرز جي قسط وٺڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ آءِ ايم ايف جو سڀ کان وڏو مطالبو آهي ته ملڪ جي امير ۽ سرمائيدار طبقي کي ٽيڪس جي نيٽ ۾ آڻيو ۽ انهن جي لٽ مار کي ٻنجو ڏيو. پر هن رياست جا ڪرتا ڌرتا ۽ حڪمران پاڻ اشرافيه طبقي مان آهن، تنهن ڪري پنهنجي پاڻ ۾ هٿ ڪيئن وجهندا! جڏهن ته ٻئي پاسي هر ڏينهن عوام لاءِ وڌيڪ عذاب پيدا ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ جو حڪمران طبقو ۽ رياستي ادارن تي قابض ٽولا ۽ گروهه امير کان امير ٿيندا پيا وڃن.

ملڪ تي قابض حڪمران طبقي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، بجلي ۽ گيس جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هڪ ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني روپيو اچي پٽ پيو آهي، اهو سڀ ڪجهه آءِ ايم ايف جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٿيو آهي. جنهن مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جهڙوڪر پاڪستان تي اصل حڪمراني آءِ ايم ايف جي آهي ۽ پاڪستان ۾ جيڪا تباهي ٿي رهي آهي، تنهن ۾ آءِ ايم ايف جو وڏو هٿ آهي ۽ گذريل 76 سالن ۾ رياست تي قابض مخصوص خاندانن ۽ گروهن جو ڪو ڏوهه ناهي. اسان گهڙي سوا جي لاءِ اهو تسليم ڪري ٿا وٺون ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي پاليسين جي نتيجي ۾ اتي اچي پهتو آهي ۽ اسان جي اڌ آبادي يعني 12 ڪروڙ کان به وڌيڪ، غربت کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ٻي آبادي کي ٻه ويلا ماني جا به پورا نٿا ملن. ته پوءِ 1947ع کان وٺي اڄ تائين هي جيڪي به حڪمران طبقا ۽ رياست جا ڪرتا ڌرتا ايترا امير ڪيئن ٿيا؟ انهن جي دولت ۾ اربين کريبن روپين جو واڌارو ڪيئن ٿيو؟ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ان حڪمران اشرافيه طبقي عوام جي نالي ۾ ڌاڙا هڻي ۽ ڦرلٽ ڪري عوام کي ڪنگال ڪري پاڻ پدم پتي ٿي ويا آهن. پاڪستان جي عوام کي سوچڻ گهرجي ته هتي جي حڪمران طبقي اهو سڀ ڪجهه بظاهر عوام جي زندگي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي نالي ۾ ايترو عذاب پيدا ڪيو آهي ته پوءِ عوام جي اثاثن تي ڌاڙا ڪنهن ٻئي شئيءَ جو نالو ٿيندو آهي؟ عوام جو استحصال اڃا ڪا ٻي فلم آهي؟ عوام کي معاشي طور مڪمل تباهه ڪرڻ جو ڪو ٻيو فلسفو آهي؟

عوام جو استحصال ڪرڻ لاءِ هن وقت به ساڳين پاليسين تي عمل ڪيو پيو وڃي، جيڪي عوام 1947ع کان ڏسندو ۽ ان جو شڪار ٿيندو پيو اچي. ان مان هڪڙي جو نالو “ڪارپوريٽ فارمنگ” آهي. رياستي سطح تي “ڪارپوريٽ فارمنگ” جو نالو ائين ورتو ٿو وڃي ته اهڙو “مقدس” ۽ “نج عوام دوست” پروگرام اڳ پاڪستان ۾ ڪنهن پيش ئي نه ڪيو هجي ۽ جي اهو عملي طور پاڪستان ۾ نافذ ٿي ويو ته پاڪستان ۽ ان جو عوام عذاب واري زندگي مان نڪري هڪ اهڙي خوشحالي واري زندگي گذاريندو، جنهن جو انهن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. هن وقت رياستي سطح تي صرف ئي صرف “ڪارپوريٽ فارمنگ” جي انتهائي ڪامياب “نمائش” جاري آهي. جنهن لاءِ وري جيڪو بورڊ جوڙيو ويو آهي، تنهن جو نالو آهي، “اسيپشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل” (ايس آءِ ايف سي). هتي جيڪا صفا غير ضروري ۽ غير اهم ڳالهه هي آهي ته ان ۾ رڳو اشرافيه طبقو شامل آهي، پر سڀ کان وڏي ۽ انتهائي اهم ڳالهه هي آهي ته اهي پهريون دفعو پاڪستان جي عوام جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. “ڪارپوريٽ فارمنگ” کان اڳ اسان سرد جنگ ۽ ان کانپوءِ وڏي ڌام ڌوم سان 2001ع ۾ ملڪ ۽ دنيا مان دهشتگردي جو خاتمو آڻڻ لاءِ پيش ڪيل پراجيڪٽ پڻ ڏسي چڪا آهيون، جنهن کانپوءِ ملڪ مان جيڪا دهشتگردي ختم ٿي وئي آهي، تنهن کي روز اکين سان نه صرف ڏسي رهيا آهيون پر ڀوڳي به رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وري “ڪارپوريٽ فارمنگ” جي فائدن ۾ فنا ٿيڻ کان بچي وياسين ته به لک کٽيوسين.

هن ملڪ جي عوام، پورهيتن، مزدورن، ننڍن ننڍن آبادگارن، زميندارن ۽ هارين لاءِ “ڪارپوريٽ فارمنگ” ڪيتري خطرناڪ آهي، تنهن متعلق هن ئي صفحي تي هن مضمون جي راقم سميت ڪيترن عوام دوست ليکڪن ۽ ماهرن وڏا تفصيل ۽ حوالا ڏئي لکيو آهي. ان پس منظر ۾ اڄ هتي صرف سنڌ جي زرعي ماهر ۽ سائنسدان سائين ايم ايڇ پنهور صاحب جي انٽرويو مان “ڪارپوريٽ فارمنگ” ڪيتري خطرناڪ آهي، ان جو صرف هڪڙو ٽڪرو پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ پنهور صاحب چئي ٿو ته، “ٽين دنيا يعني ترقي پذير ملڪن کي سوويت يونين جي ڊهڻ سان وڏو نقصان پهتو. حالانڪه مان ڪميونسٽ ناهيان پر منهنجي راءِ آهي ته هنن پورهيت طبقي کي بچايو ۽ انهن جو تحفظ پئي ڪيو. لينن هڪڙو ڪتاب لکيو هو، ‘سامراجيت سرمائيداريءَ جي اعليٰ شڪل آهي’، جيڪو تمام عاليشان ڪتاب آهي. ڪجهه اولهه جي لٽريچر به مون کي متاثر ڪيو آهي. تنهن ڪري مان غيرجانبدار ۽ انسان دوست آهيان ۽ چاهيان ٿو ته غريب ماڻهوءَ جو حق نه مري. جنهن وقت سوويت يونين ڊٺي ته آمريڪا ۽ اولهه جي يورپي ملڪن کي دنيا خالي ٿيل ملي. جيئن ته وٽن صنعتڪاري وڌيڪ هئي، تنهن ڪري هنن چاهيو ته ٽين دنيا ۾ اجورو نه وڌي ۽ جيڪڏهن ٽين دنيا ۾ آبادي تي ضابطو ٿو آندو وڃي ته اجوري ۾ اضافو ٿي ويندو. تنهن ڪري اهو به نه ٿئي. ٽين دنيا جي معاشرن ۾ فيملي پلاننگ کي مذهب جو رنگ ڏنو ويو آهي ۽ هو چاهين ٿا ته آبادي وڌي ۽ جيڪڏهن آبادي وڌندي ته مزدور سستو ٿيندو. اصل راند اها آهي. ڪارپوريٽ ايگريڪلچر تمام خطرناڪ سازش آهي. هيءَ به ان کي ترقي ڏياري رهي آهي. 1999ع ۾ ڪڻڪ جو اگهه 400 روپيا مقرر ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ ڇهن سالن دوران (يعني 1999ع کان 2006ع تائين جنهن وقت هي انٽرويو ورتو پئي ويو) رڳو 50 روپيا وڌايا ويا ۽ وري مٿان اهو به چيو ويو ته اهي اگهه وڌيڪ ٻن سالن لاءِ مقرر رهندا. ان جو مطلب ته سال ۾ ٻه سيڪڙو به اگهه نه وڌايا ويا.

حالانڪه فرٽيلائيزر، زرعي دوائن، تيل ۽ ٽريڪٽر جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا آهن. هنن جو مقصد آهي ته غربت پنهنجي انتها تي پهچي. ڪمائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هاڻي هتي ته ڪڻڪ رڳو پنهنجي کاڌ پيت واسطي پوکي وڃي ٿي ۽ ان لاءِ هيڏا وڏا خرچ ڪيا وڃن ٿا. جنهن مان پورهئي جا پئسا به نٿا نڪرن. حڪومت اگهه ان ڪري نٿي وڌائي ته عام ماڻهو ۽ ننڍا آبادگار زمين وڪرو ڪن ۽ وڏا زميندار خريد ڪن. پوءِ اڳتي هلي جڏهن کين به ڪو فائدو نه رسندو ته ڪارپوريشن اچي ميدان ۾ لهندي ۽ کين چيو ويندو ته سال تي ڏهه هزار روپيا (مقاطعو) وٺو ۽ زمين اسان جي حوالي ڪيو، ۽ پوءِ هر ڪو ائين ڪندو. هُو (ڪارپوريشنس وارا) معاهدي جو مدو ڊگهو ڪري ڇڏيندا ۽ ناڻي ۾ واڌ ٿيندي ئي نه. توهان ڏسندوء ته ڪجهه سالن کان پوءِ اسان کي پئسا ته اڌ ٿا ملن. ٻين ڪجهه سالن کانپوءِ توهان جي پورت نه ٿيندي ته پوءِ وڃي پنهنجي ئي کپايل زمين تي مزدوري ڪندوء. مان ڪارپوريٽ ايگريڪلچر جي سخت خلاف آهيان. جيڪا زمين سنڌين وٽ آهي، اها به ان عمل سان سندن هٿن مان هلي ويندي”. حوالو: ڪتاب “سنڌ شناسي”، مرتب غلام محمد لاکو. ص 566، 567.