سنڌ جي امن امان جو سنڌ گزيٽيئر ۾ ذڪر

0
40
سنڌ جي امن امان جو سنڌ گزيٽيئر ۾ ذڪر

 ھن وقت سموري سنڌ ۾ افراتفري بدنظمي بد امني عروج تي آهي پر خاص ڪري سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ جن ۾ لاڙڪاڻو شڪارپور سکر جيڪب آباد ڪنڌ ڪوٽ ايٽ ڪشمور ۽ گھوٽڪي ۾ بدامني عروج تي آهي. ماڻھن جي زندگي مال ملڪيت ۽ عزت محفوظ ناھين . ائين چئجي ته ضلعا ھن وقت نوگو ايريا بڻجي ويا آھن جتي حڪومت جي رٽ ڄڻ نظر ئي نه ٿي اچي پوليس آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن اڳيان مجبور ٿي نظر اچي . اھي ماڻھو سرعام ڌاڙا ڦرون اغوا براءِ تاوان ۽ قتل غارت جھڙا ڏوھ ڪري ٿا وڃن. جنھن جي نتيجي ۾ عوام جو جيئن مشڪل ڪم ڪاروبار گھٽ ٿيندو پيو وڃي. انھن جي ڪاروائين کان عوام ته محفوظ ناھين پر سکر کان ملتان ويندڙ موٽر وي پڻ محفوظ ناھي. ڪجھ ڏينھن اڳ ملتان وڃڻ ٿيو موٽر وي ذريعي ملتان کان وٺي سنڌ جي ان ھنڌ تائين جتي بورڊ لڳل ھو ته. باب اسلام سنڌ ۾ خوش آمديد پر ان بورڊ کان وٺي پنوعاقل تائين پوڻن ٻن ڪلاڪن جي سفر ۾ موٽر وي ته ڪا گاڏي نظر نه آئي. رات جو ٽي ٿي رھيا ھجن. مون سان گڏ فئملي ھجڻ ڪري سخت پريشانيءَ کي منھن ڏئي الله سائين کي ياد ڪري پنوعاقل پھتاسين. بهرحال ھن وقت اتر سنڌ ۾ حالات انتھائي خراب آھن. خاص ڪري انھن علائقن ۾ جتي سرداري نظام جو نيٽورڪ آهي پر ھن وقت اھو سرداري نظام جيڪو انگريزن عام ماڻھن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ جوڙيو ھو، سو حقيقت ۾ پنھنجو ڀرپور نتيجو ڏئي رھيو آھي. اھو نظام عام ماڻھن جي فائدي بجاءِ انتھائي ذلت ۽ رسوائي جو سبب آھي. اھا ڳالھ به سوچ طلب آھي ته سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جا ڪارڻ ڪھڙا آھن. ڇا سرداري نظام جو اثر آھي بيڊ گورننس آھي يا پوليس جو لا اينڊ آرڊر تي عمل درآمد نه ڪرائڻ آهي. بهرحال جيڪو ڪجھ به آھي حڪومت تي سواليہ نشان آھي. حڪومت کي ھن معاملي تي سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي. ان بابت ڪو مستقل پلان جوڙي ان تي عمل ڪري ڪي صاف سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ گھرجن.

منھنجو تعلق پڻ اتر سنڌ سان آھي. منھنجو شھر پنوعاقل، عاقلن جو شھر سڏيو ويندو ھو پر ھن وقت بدامني چوري ۽ فسادن ۾ اڳڀرو ٿيندو پيو وڃي. اڄ کان ويھ سال اڳ رات جو ھڪ ٻين وڳي ڌاري ريلوي اسٽيشن يا نيشنل ھاءِ وي تي لھي ڪري اٺ ڪلوميٽر پنڌ ڪري به پنھنجي ڳوٺ بغير تڪليف جي پھچي ويندا ھئاسون. ھن وقت ڪو ماڻھو سنڌ جي ڪنھن ٻئي شھر کان پنوعاقل اچي ٿو ته اغوا ٿيو وڃي. ڪو ماڻھو رات جو روزو رکڻ لاءِ ڏھي وٺڻ وڃي ته اغوا ٿيو وڃي. ڪو ماڻھو گھر کان ڪم ڪار سانگي ٻاھر وڃي ته سندس فئملي کان گھر ۾ ڦر ٿيو وڃي .ڪو ٻار شھر مان رات جو خريداري ڪرڻ وڃي ته اغوا ٿيو وڃي. شھر وڃڻ بعد موٽرسائيڪل ڪٿي بيھاريو ته اھا به چوري ٿيو وڃي. آخر ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟

اچو توھان کي پنوعاقل جو ماضي ۽ ان وقت جي پوليس جو ڪردار ٻڌايان. اڻويھين صديءَ ۾ جڏھن انگريز سنڌ تي ڪنٽرول ڪري چڪا ھئا. ان وقت پنوعاقل جي اھميت وڌڻ لڳي ۽ ھي ننڊڙو ڳوٺ شھر جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو . ھڪ انگريز عملدار اي ڊبليو ھيوز

جنھن 1948 ۾ سنڌ گزيٽيئر ڇپائي پڌري ڪئي، جنھن ان ۾ لکيو آهي ته “پنوعاقل واري ايراضي علائقي کي تعلقو سعد پور سڏيو ويندو ھو.” سعد پور نالي ڳوٺ ھن وقت پنوعاقل ۾ ڪٿي به ناھي. پر سعد پور نالي ھڪ ٻيلو ھو. ھن وقت ان ٻيلي جو نالو نشان ڪونھي پر اتي ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي فوجي ڇانوڻي آھي. موجوده وقت ۾ پنوعاقل اندر سعدپور ته ناھي پر سعدڪي ۽ ايراضي نالي ڳوٺ موجود آھن. ٻئي پاسي پنوعاقل جي ھندو لوڪ کي سعد پوري پڻ سڏيو ويندو آهي.

اي ڊبليو ھيوز سنڌ گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته روھڙي سب ڊويزن ۾ پنج تعلقا آھن، جيڪي روھڙي ميرپور گھوٽڪي اٻاڙو ۽ سعد پور آھن . سعد پور تعلقي ۾ ٽي تپا پنوعاقل شاھپور ۽ جوڻاس ھئا. پنوعاقل ديھ به آھي. ھن تعلقي ۾ پنوعاقل سميت ڇٽيھ ديھون ھيون. ھن جي پکيڙ ھڪ سئو ستھٽ چورس ميل زمين/ 1066370 ايڪڙ ھئي ڪل آبادي 20411 ھئي. ھن تعلقي ۾ ماڻھن جي فصلن جو نقصان ڪري ويندڙ جانورن کي ڍَڪائڻ لاءِ ٽي ڍڪ ھئا. تعلقي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پوليس وارن جو ٽوٽل تعداد صرف 22 ھو. 1904۾ پنوعاقل کي محال مان تعلقو بڻايو ويو. 1915 ۾ پنوعاقل تعلقي ۾ ٻھ ٿاڻا پنوعاقل ۽ سلطانپور ھئا. پني عاقل ٿاڻي تي ھڪ سب انسپيڪٽر ڇھ ھيڊ ڪانسٽيبل ۽ يارھن ڪانسٽيبل ٽوٽل اٺارھن ماڻھن جو عملو ھوندو ھو. سلطانپور ٿاڻي تي ھڪ سب انسپيڪٽر ٽي ھيڊ ڪانسٽيبل ڇھ ڪانسٽيبل ٽوٽل ڏھ جو عملو موجود ھو . 1911 جي مردم شماريءَ مطابق آبادي 42258 ھئي .

ھن وقت پنوعاقل سکر ضلعي جو اھم تعلقو آهي جنھن جي موجوده ايراضي 262115 ايڪڙن ۾ آھي. 2017 جي آدمشماري مطابق پنوعاقل جي آبادي 436372 نفوس آھي. ھن وقت پنوعاقل ۾ ٻه ڊي ايس پيز ڏھ ٿاڻا آھن، جن تي ھزارن جو عملو مقرر ٿيل آهي. پر نتيجي ۾ ماڻھن جي زندگي عزت مال ملڪيت محفوظ ناھي. ھڪ سؤ اٺيتاليھ سال اڳ پوليس جو عملو گھٽ ٽرانسپورٽ گھٽ ڪميونيڪيشن گھٽ پوء به امن امان اھڙو جو شينھن ٻڪري گڏ پيا گھمن. ھن وقت عملو به جام ٽرانسپورٽ به موجود ڪميونيڪيشن به جام ٽيڪنالاجي به عام پوءِ به ڪارڪردگي زيرو. آخر ڇو؟ ان جا سبب ڇا آھن؟

پوليس کي پنھنجي ساک بچائڻ لاءِ ھاڻي فرض شناسيءَ جو اظھار ڪرڻو پوندو . گورنمينٽ کي پنھنجي رٽ برقرار رکڻ لاءِ لا اينڊ آرڊر کي بھتر بڻائي پنھنجي ساک بچائڻي پوندي. ان سان گڏوگڏ اسان کي سوچڻ گھرجي ته آخر پوليس ڇو خاموش رھي آھي. ڇا انھن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ناھي يا سياسي پريشر آھي . بهرحال اگر گورنمينٽ غور ڪري ته ڪا به شئي ناممڪن ناھي. باقي اگر ڪا گيم ٻئي آهي ۽ اھا اسان جي ننڍڙي دماغ ۾ نٿي اچي.