وڪري لاءِ: اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ

0
37
وڪري لاءِ: اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ

عام رواجي طور سڄي دنيا جو اهو دستور رهيو آهي ته سياست ذريعي عام ماڻهن جي اهنجن کي تلاش ڪري انهن جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون آهن. سياست ذريعي ئي حڪومتون قائم ڪري سماج جي سڌاري لاءِ سعيا ڪري نوان چارا تلاش ڪيا ويندا آهن. نتيجي ۾ دنيا اندر اهڙا معاشرا وجود ۾ ايندا آهن، جيڪي عام ڀلائي لاءِ يا ٻين لفظن ۾ انساني سهولتن ۾ سدائين نمايان رهندا پيا اچن. ائين ته ناهي هوندو جو دنيا جي ٻه سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪنهن ملڪ جو نمبر 164 تي هجي ۽ اهو پارسائيءَ جي دعوا به ڪري. اهو ترقي جي دعوا به ڪري.

                 ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي طرفان هڪ سال 2024 جي حوالي سان هڪ رپورٽ جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا. رپورٽ جي انڊيڪس ۾ ڪل 198 ملڪ شامل ڪيا ويا هئا، جن کي انساني ترقي جي معيار تي پرکيندي نمبر الاٽ ڪيا ويا. ان ۾ پاڪستان جو نمبر 164 آهي. ان کان اڳ سال 2018 ۾ پاڪستان جو نمبر 150هون هو، جيڪو 2023 ۾ 161 ۽ هاڻي ماشاءَ الله ترقي جي راهه تي گامزن آهي. انهيءَ حوالي سان پاڪستان جي مشهور صحافي سيد طلعت حسين هڪ ولاگ ڪيو ۽ شروع ۾ ئي ڪجهه سوال رکيا. جنهن مان هڪ سوال هي به هو ته “نظام تي ڪير يقين ڇو نه ٿو ڪري؟” جنهن جي جواب ۾ پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته، “هن نظام ۾ عام ماڻهو ڪڏهن به حڪمرانن جي اوليت رهيو ئي ناهي”. ان ڳالهه کي ٿورو تزُ ڪري هن ريت پيش ڪجي ٿو ته سرڪار ۾ ويٺل اشرف المخلوقات جي نيت ئي ناهي ته باقي خلق جي ڀلائي لاءِ ڪجهه سنجيدگي سان ڪرڻ گهرجي. جنهن تعلقي جي هيڊڪوارٽر ۾ ويٺل سترهين گريڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنر کي ڏيڍ ڪروڙن جي قيمت کان شروع ٿيندڙ وي- ايٽ لينڊ ڪروزر مليل هجي، جيڪو منهنجي خيال ۾ ڪجهه به ناهي ڪندو، جڏهن ته انهيءَ شهر ۾ زنده ماڻهن کي ڇڏيو، مرده ماڻهن کي چنگچي رڪشائن جي پويان ڦٽن تي سمهاري گهرن تائين پهچايو وڃي ته ان ديس جي حڪمرانن جي ترجيح کي اڃا ڪهڙا سڱ هوندا؟

عوام جي خدمت ڪرڻ تي هتي ڪنهن سپني جيان آهي؛ نتيجي ۾ بک، بدحالي، بدامني، بيماري، بيزاري، بي حيائي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو لفظ، جيڪي اخباري پاليسي سبب نه پيو لکان آهي، سماج جي رڳن ۾ رت بڻجي گردش ڪري پيو.

ماڻهو ڄمن پيا… سرڪار کي ڇاهي؟ ماڻهو مرن پيا، سرڪار کي ڇاهي؟ ماڻهو تڙپن پيا، لڇن پيا، دانهون ڪوڪون ڪن پيا، سرڪار کي ڇاهي؟ هن ڪوڙهيل سماج ۾ ڄڻ اعلى طبقي جي گڏيل صلاح هجي ته مسڪينن مٿان ڀلي قيامتون گذري وڃن، هنن کي رد ِ عمل به ظاهر ناهي ڪرڻو. ائين محسوس ڪرائڻو آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هجي. هي سڀ ظاهر ۾ ڀلي الڳ هجن پر عوام خلاف سڀئي هڪ آهن. هڪ ئي پيج تي بيٺل نظر اچن ٿا. انهيءَ صفحي تي ڪٿي به ڪو غريب جو هڏ ڏوکي نظر نه ٿو اچي.

ماڻهن کي اليڪشن ۽ نتيجي ۾ ٺهندڙ نئين سرڪار مان اميد هوندي آهي، هتي خيرن سان اليڪشن ٿي وئي. اها اليڪشن ڇا هئي؟ عام ماڻهوءَ جو ته ان سان ڪو مطلب نه هو، پر هر سياسي پارٽيءَ سواءِ ٻن پارٽين (پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ) جي سڀني کان دانهون نڪري ويون. پهرين ته اهڙي نموني ورهاست ڪئي وئي جو ڪا به پارٽي اهڙي پوزيشن ۾ نه اچي سگهي، جنهن ۾ اڪيلي سر سرڪار جوڙي ڪي بهتر فيصلا ڪيا وڃن. ان جي بجاءِ اهڙي نموني Split Mandate ڏنو ويو جو هر ڪو هڪ ٻئي جي منهن ۾ تڪيندو رهجي ويو!

پاڪستان جي تاريخ ۾ اها پهرين سرڪار آهي، جيڪا پنهنجي افعالن ۾ بيوس نظر اچي ٿي. ائين پيو محسوس ٿئي ته آءِ. ايم. ايف جي نمائنده هجي… هاڻي کان ئي گيس، بجلي ۽ پئٽرول جا اگهه وڌائڻ جون ڳالهيون! انهن ٽنهي شين جي قيمتن ۾ واڌاري مان سڌو سنئون مطلب روزه مره جي هر شيءِ ۾ اضافو هوندو آهي. اليڪشن کان اڳ ته هن ديس جي عام ماڻهو، اهو سوچي مهانگائيءَ کي منهن ڏنو ته چونڊن کان پوءِ ڪجهه تدارڪ ٿيندو، پر نه…. هتي ڪجهه به ٿيڻو ناهي. ڇاڪاڻ ته حڪمرانن چاهي پوءِ ڀلي اسٽيبلشمينٽ هجي، عدليه، سول بيوروڪريسي يا سياستدان- تبديلي چاهين ئي نه ٿا، هن ديس ۾ جاري ماحول انهن لاءِ خليل جبران جي ڪهاڻي ‘شيطان’ جيان موافق آهي. اهڙين حالتن ۾ پنهنجي آس پاس ۾ توهان کي اهڙيون ته ڀيانڪ ڪهاڻيون ملن ٿيون، جيڪي ڏسي، ٻڌي لڱ ڪانڊارجيو وڃن.

انهن ڪهاڻين کي توهان سوشل ميڊيا تي به ڏسي سگهو ٿا، ڪهڙي ريت اتر سنڌ کي داعش ٽائيپ ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان خوفناڪ قسم جون وڊيوز ٺاهي آرام سان سوشل ميڊيا تي پوسٽ پڻ ڪن پيا، انهن علائقن ۾ پوليس عملي طور بيوس بڻجي وئي آهي. ان بيوسيءَ ۽ بيحسيءَ جا منظر رڳو اتر سنڌ نه پر وچولي ۽ لاڙ ۾ به نظر اچي رهيا آهن. اها ڳالهه لکندي شرم محسوس ٿئي پيو ته خوشحال سنڌ جي بدحال ماڻهن مانيءَ جي هڪ ويلي لاءِ پنهنجون عزتون کپائڻ شروع ڪيون آهن، ماڻهو پنهنجا ٻار وڪرو ڪن پيا… جي عزتن جي وڪري کان محبتن جي وڪري تائين سڄو تر وڏي منڊيءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ڊگرين جو وڪرو، نوڪرين جو وڪرو ته ڪا ڳالهه ئي ناهي. ناانصافي پنهنجون سڀ حدون اورانگهي پئي، جنهن کي خبر ناهي ته ان کي ڪڏهن فل اسٽاپ ايندو، ڇاڪاڻ ته هي ڪو هيمنگوي جو ديس ته ڪونهي، جو حڪمران ان جي لکيل درد کي محسوس ڪري عام جي ڀلائي لاءِ ڪي اپاءَ وٺن. اهو هيمنگوي، جنهن جي ڇهه لفظيءَ ڪهاڻي ان سماج کي جهنجهوڙي ڇڏيو هو. ارنيسٽ هيمنگوي جي اها مشهور ڇهه لفظي ڪهاڻي 1921 ۾ هڪ رسالي ۾ ڇپي هئي، جنهن ان وقت جي ادب ۾ تمام گهڻي اٿل آندي.

“For sale: baby shoes, never worn.”

(وڪري لاءِ: اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ.)

هن ڪهاڻيءَ لاءِ ٽموفي گربر لکيو هو:

“That the baby shoes have never been worn means that there was a miscarriage. That the baby shoes are to be sold implies, that the parents are poor (you might not think about selling the baby shoes, if there wasn’t a necessity), implying that the miscarriage might have something to do with the financial status of the couple.”

(اڻ پاتل، ٻاراڻو بوٽ، جو مطلب آهي، ته اهو ٻار ماءُ جي پيٽ مان ڪچو ڪري پيو هو (اسقاطِ حمل يا ڪُهائي). والدين لاءِ غربت سبب بوٽ کپائڻ ضروري ٿي پيو. هن ڪهاڻيءَ ۾ ان ڳالهه لاءِ به اشارو آهي، ته ممڪن آهي، غريب والدين مسڪيني حال سبب ڄاڻي ٻجهي ٻار ڪيرايو هجي.)

دنيا ۾ جيڪي سماج علم ۽ ادب ڏانهن چاهه رکن ٿا، انهن معاشرن ۾ اهڙا لفظ باهه تي پئٽرول جو ڪم ڏيندا آهن. هيمنگوي جي هنن ڇهن لفظن به يقينن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو هوندو. حقيقي طور هي سماج کي آئيني ڏيکارڻ جي برابر هو. هڪ مڪروهه شڪل جنهن ۾ مائرون غربت سبب نه فقط پنهنجا ٻار ڪيرائين پيون پر لکين ارمانن سان ان ٻار لاءِ ورتل بوٽ به وڪرو ڪن پيا. اهڙي حالت ۾ انهن معاشرن پاسو بدلايو، شين کي حقيقي انداز ۾ ورتو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته اهي هاڻي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا آهن. همينگوي جي ڇهه لفظي ڪهاڻيءَ کي پڙهي چئي سگهجي ٿو ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ سرجيل ادب صرف ‘ادب براءِ ادب يا تفريح’ نه آهي، پر اتان جا ماڻهو ان ادب مان سبق حاصل ڪري زندگيءَ جي رخن جو تعين ڪن ٿا، پر هن ملڪ جون ڪهاڻيون ڪجهه ٻيون آهن- بيحسيءَ ۽ بيوسيءَ تي ٻڌل ڪهاڻيون، جنهن ۾ هاڻي ته ڪير به ڪنهن تي يقين ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي.