ڪڻڪ جو خريداري هدف گهٽائڻ جو جواز ئي ڪهڙو آهي؟

0
47
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ جي زرعي شعبي جا بحران ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ۽ حڪومت بحرانن کي گهٽ ڪرڻ بدران ويتر انهن کي شديد ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو ملائي رهي آهي. شگر ملون نه هلائي وقت سر ڪمند جي پيڙائي شروع نه ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن جا احتجاج ماٺا ئي مس ٿا ٿين ته وري جڏهن ڪڻڪ جو فصل لهي ٿو ته ان جي خريداري توڙي بارداني جو مسئلو شروع ٿئي ٿو. هن ڀيري به خوراڪ کاتي اڄ کان سنڌ جي 22 ضلعن ۾ 353 خريداري مرڪز قائم ڪري ڪڻڪ جي خريداريءَ جو اعلان ڪيو آهي. گذريل ٻن سالن کان 14 لک ميٽرڪ ٽن وارو خريداري هدف پورو نه ڪري سگهڻ جي ڪري خوراڪ کاتي هن ڀيري اهو هدف گهٽائي 9 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪيو آهي. اها ڪڻڪ 4 هزار رپيا في مڻ/40 ڪلو گرام جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه تي خريد ڪئي ويندي. ڪڻڪ جي خريداري هڪ مهينو دير سان شروع ڪئي پئي وڃي. نگران سرڪار اها خريداري شروع نه ڪرائي سگهي هئي.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري آبادگارن کي ٽيوب ويل به استعمال ڪرڻا پون ٿا. ٻج ۽ ڪيميائي ڀاڻ مهانگا هجڻ جي ڪري فصل جي پيداواري لاڳت پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي پر ان جي باوجود به وقت سر زرعي جنسن جي خريداري نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن کي نقصان ٿئي ٿو. جيستائين ڪڻڪ جي فصل جو تعلق آهي ته ڪمند جي پيڙائي وقت سر نه ٿيڻ جي ڪري زمين تي بيٺل ڪمند سبب ڪڻڪ جي پوکائي دير سان ٿي ته مٿان وري حڪومت طرفان ڪڻڪ جي خريداري به هڪ مهينو دير سان شروع ڪئي وئي آهي. خوراڪ کاتي طرفان خريداري مرڪزن جو اعلان ته ڪيو ويو آهي پر عملي طرح ٿئي ايئن ٿو ته اعلان باوجود خريداري مرڪز شروع نٿا ڪيا وڃن. ٻيو ته حڪومت طرفان بارداني ۾ دير ڪئي وڃي ٿي، جنهنڪري خريداري شروع نٿي ٿئي. وڏا زميندار ته پنهنجي سياسي اثر رسوخ جي ڪري باردانو حاصل ڪري ٿا وٺن پر ننڍا بي پهچ آبادگار ان کان محروم رهن ٿا. باردانو به گهڻي ڀاڱي سياسي ڀوتارن جي پرچين تي ملي ٿو يا وري خوراڪ کاتي وارن جي مُٺ گرم ڪرائڻ سان ملندو آهي. خوراڪ کاتي طرفان ڪڻڪ جي خريداري دير سان شروع ٿيڻ جي ڪري ٿئي ايئن ٿو ته پنجاب ۽ ٻين صوبن جا واپاري فصل لهندي ئي خريداري لاءِ سنڌ پهچي ٿا وڃن ۽ ٻيو ته ذخيره اندوزي ڪندڙ مقامي واپاري به سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري گودامن ۾ ذخيرو ڪري ٿا ڇڏين. ايئن پڻ سمجهيو وڃي ٿو ته خوراڪ کاتي جا عملدار هٿ وٺي واپارين ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن کي خريداريءَ جو موقعو فراهم ڪندا آهن، اهو ئي خوراڪ کاتي جو پراڻو طريقهء واردات رهندو آيو آهي. خوراڪ کاتو دير سان جاڳندو آهي، جنهنڪري خريداري جو هدف پورو نه ٿي سگهندو آهي. آخر ۾ خوراڪ کاتي جا عملدار شاهراهن تان سنڌ کان ٻاهر ويندڙ ڪڻڪ پڪڙي يا وري گودامن تي ڇاپا هڻي فوٽو سيشن ڪرائي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداريءَ جو هدف 14 لک ميٽرڪ ٽن آهي پر ٻن سالن کان خوراڪ کاتو اهو هدف پورو نه ڪري سگهيو آهي. 2022ع ۾ 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، جڏهن ته 2023ع ۾ خوراڪ کاتو صرف ساڍا 7 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيو. هن ڀيري خوراڪ کاتي خريداري جو ٽارگيٽ گهٽائي 9 لک ميٽرڪ ٽن رکيو آهي پر لڳي ايئن ٿو ته اهو ٽارگيٽ به پورو نه ٿي سگهندو. سنڌ حڪومت وٽ اهو هڪيو تڪيو بهانو آهي ته ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ لاءِ گودام نه آهن. خوراڪ ذخيرو ڪرڻ لاءِ گودام اهم ضرورت آهن، آخر حڪومت ان اهم ضرورت کي محسوس ڇو نٿي ڪري؟ اهو فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو آهي. موسمي تبديلين جي ڪري ٻوڏون، ڏڪار ۽ مختلف قدرتي آفتون غير يقيني صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن. ان کان وڏي نا اهلي ٻي ڪهڙي چئبي، جو اسان پنهنجي زرعي اپت کي ذخيرو به نه ڪري سگهون؟ هي زرعي ملڪ آهي پر هتي ڪڻڪ به صنعتي ملڪ روس کان گهرائي وڃي ٿي!

خوراڪ کاتي جي اختيار ڌڻين کي اسان اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو خريداري هدف گهٽائڻ بدران 14 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪيو وڃي. ڪڻڪ جو ڀلو فصل لهڻ جي باوجود خريداري هدف گهٽائڻ جو جواز ئي ڪهڙو آهي! سکڻن اعلانن بدران سمورا خريداري مرڪز ترت کوليا وڃن ۽ ننڍن آبادگارن کي به باردانو فراهم ڪيو وڃي. بارداڻي تي ٿيندڙ سياست ۽ ڪرپشن کي روڪيو وڃي. خوراڪ ذخيرو ڪرڻ لاءِ نوان گودام تعمير ڪيا وڃن.