سنڌ سرڪار جي 15 سالا ڪارڪردگيءَ جو نمونو خوراڪ ۽ خزانو کاتو!

 

(حصو ٻيون)

 

جڏھن ته اجلاس ۾ اھي انگ اکر به پيش ڪيا ويا ته خوراڪ کاتي وٽ چار لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آھي، ان حساب سان ھڪ اندازي موجب سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جو اسٽاڪ 13 لک ميٽرڪ ٽن 2023 ۽ 2024 لاءِ پڻ کپي. اھي ڳالھيون فقط صوبي جي اسمن مان ھڪ کاتي جي اسم جون فقط ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ قرض کڻڻ جي منظوري ڏني وئي آھي. ھن خريدار کي سرڪاري انگن اکرن ۾ اسٽيٽ ٽريڊنگ جو نالو پڻ ڏنو ويو آھي،جنھن جي لاء اسٽيٽ بئينڪ جي ضمانت تي قرض پڻ ورتو ويندو آھي ۽ ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ وفاقي حڪومت کان ضمانت گھرندي آھي. ان سلسلي م وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت وٽ پئسا وياج سميت واپس ڪرڻ جي پابند پڻ ھوندي آھي. مٿي ڏنل انگن اکرن موجب خوراڪ کاتو 121 ارب رپين جي ڪڻڪ خريداريءَ جي ڏس ۾ قرضي آھي، ان حوالي سان وري ھنن کي 80 ارب کان 100 ارب رپيا قرض وٺڻ جي ضرورت پئي آھي، جنھن جي مد ۾ وڏي وزير ڪابينا اجلاس ذريعي 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏيندي 90 ارب رپين جي قرض وٺڻ جي منظوري پڻ ڏني آھي، بنيادي نقطو اھو آھي ته اسٽيٽ ٽريڊنگ ٿيندي ان ڪري آھي ته قرض وٺي مارڪيٽ مان سستي ڪڻڪ وٺي توري مھانگي فرق سان فلور ملز کي ڏني ڏجي پر ھتي ايئن ڪو نه ٿو ٿئي، ھتي ان قرض تي ملين ئي نه پر بلين رپين جو انٽريسٽ ڏيڻو پوي ٿو. ان کان سواءِ ته ان ڪڻڪ جي ٽرانسپورٽ جو ڪروڙين رپيا خرچ، باردانو وغيره به پڻ اربين رپين جو ٿئي ٿو؟ ٿئي ڇا ٿو ته خود ان لون واري پئسن مان جيڪي پڻ پرائيويٽ بئنڪن کان وياج تي ورتا ويا تنھن ۾ ته ڪرپشن ٿئي ٿي، رھندو اھا ڪڻڪ يا ته خراب ڄاڻي سستي نيلام  ٿئي ٿي، يا اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڄاڻائي ڪجھ ملوث ڪردار ظاھر ڪري معاملو ڪيسن حوالي يا ان جي نوڪري تان معطليءَ ۾ لئي مٽي ڪيو ويندو آھي. ماضي ان جو چٽو ثبوت آھي جڏھن ته قرض ۽ اتي لڳل وياج کي مارڪيٽ جي ان ڊفرينس رقم مان ادا ڪيو ويندو آھي پر افسوس جو ھتي ايئن ڪو نه پيو ٿئي پوءِ ٿيندو ڇا آھي ته وفاق اين ايف سي ايوارڊ واري قرب مان ڪٽوتي ڪري ويندو آھي. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

سماج ۾ اديب ايئن جيئن جھنگ ۾ ڦاٿل ماڻھو!

 

(حصو ٽيون)

 

اسان جو سماج ھلندڙ وقت انيڪ آزمائشن منجھان گذري رھيو آھي، اسان پنھنجي سماجي، حقيقي زندگي سميت انساني قدرن لاءِ اڃان تائين وانجھيل آھيون، اھڙي صورتحال ۾ ادبي لڏا ۽ سٽن جا سرجڻھار ويچارا پنھنجو فرض سمجھندي ماڻھن جي رھنمائي ڪندا رھن ٿا پر سچ ھي ته ھتي اھي اديب صاحب پاڻ به ذھني مونجھارن ۾ ڦاٿل آھن! ھونئن به جيڪو ٻين جي رھنمائي ڪري مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي اھو پاڻ مسئلن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل رھندو آھي. انساني جياپي جو ھاڻ سمورو ڪاروھنوار پئسي تي ٿي پيو آھي، اھو به انتھائي ضروري ٿي پيو آھي جو منھنجو ڪو اولاد نه ھجي گھر ۾ ماڻھو ئي آئون منھنجي گھر واري فقط ٻه جنھن ڪري ڏسجي اسان ٻنھن جي زنده رھڻ لاءِ ته کڻي ٻن ڪمرن کان سواءِ ٽئين ڪمري جي ضرورت ڀلي نه ھجي پر سبب اھو جو مون وٽ گھڻو پئسو ھئڻ ڪري سماج مون کي طنزيا اندازي سان ضرور ڏسندو، توڙي جو ضرورت کان وڌ ھوندي پئسي به ڪو عاليشان چمڪدار گھر نه ٺھرائڻ، ماڻھو منھنجي واھ واھ به ڪيئن ڪري سگھندا؟ گوتم ٻُڌ ھندستان جي ھڪ بادشاھ جو اڪيلو شھزادو ھو، ليکڪ لکن ٿا ته ھي ماءُ پيءُ جو ايترو دادلو ھو جو رات جي وقت سمھڻ وقت گوتم ٻڌ کي پنھنجي ڪمري ۾ ڀر سان سمھاريندا ھئا. گوتم گھٽ ڳالھائڻو پر سوچيندڙ انسان ھو، ھن کي انھيءَ ڳالھ ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو ھو ته پاڻ پوري ھندستان جا والي آھن، ڪئين محل ۽ محلاتون آھن جن جا مالڪ فقط پيءُ، پٽ آهن، ھي انھيءَ ڳالھ جي ڪري گھڻو پريشان رھندو ته انسان آخر ڪھڙي مقصد لاءِ دنيا ۾ آيو آھي؟  تصوف واري مزاج ھن کي ڄڻ ذھني ڀوڳنائن ۾ وجھي ڇڏيو ھو! سوچيندي سوچيندي ھن دنيا سان لاڳاپا ئي ترڪ ڪري ڇڏيا! ھڪ رات ھي پنھنجي ماءُ پيءُ سان گڏ محل اندر سُتو پيو ھو ننڊ مان جيئن ئي سجاڳ ٿيو ڏٺائين سندس ماءُ پيءُ ٻئي ستا پيا ھئا! محلات جي ٻاھران ڪي چوڪيدار نوڪر به رکيل ھئا ھن محلاتن جي درين جو سھارو وٺندي پنھنجي ماءُ پيءُ سان ننڍ ۾ ئي ڄڻ لاتعلقي ڪري ڇڏي ھئي، ليکڪ لکن ٿا ته ھو ماءُ پيءُ جو ايترو پيارو ھو جو کيس منٽ به پاڻ کاڻ پري نه ڪندا ھئا، ھي جيئن ئي محلات کان ٻاھر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو تيستائين اوچتو سندس ماءُ سجاڳ ٿي پئي، گوتم ٻُڌ جو خالي بسترو ڏسي سندس دل نڪري وئي ھئي. (جاري)

 

رياض امر ٻجورو/سجاول

 

ٻيڙو چانڊيو جي عوام کي وڌيڪ ڦرجڻ کان بچايو!

 

پاڪستان پيپلزپارٽي ڏھاڪن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رھي آھي پر سنڌ جي عوام کي بنيادي سھولتون نه ڏئي سگهي آھي، اٽي لٽي ۽ اجھي ڏيڻ جو منشور رکندڙ پارٽي جي حڪمراني ۾ عوام کي بک بيروزگاري ۽ بدامنيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل ٿي نه سگهيو آھي، ھن وقت سنڌ جي عوام بدترين حالتن کي منهن ڏئي رھيو آھي، ھڪ پاسي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي ڪچي جا ڌاڙيل غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪن ٿا ۽ مغوين جي مائٽن کان لکين رپيا ڀنگ طلب ڪن ٿا ته ٻئي پاسي پڪي جي ڦورن به سنڌ جي عوام کي ڦرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي. هر ٻئي ڏينهن چورين ۽ ڦرن جون وارڌاتون تقريبن سڀني اخبارن جون سرخيون بڻيل آھن، سڄي سنڌ جيان لاڙڪاڻو شھر به ھنن ڦورن ۽ لٽيرن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آھي، جٿي ھر روز چوريون، ڌاڙا ۽ ڦرون معمول بڻيل آھن. خاص ڪري لاڙڪاڻو کان قمبر ويندڙ روڊ سان ھر روز ڪو نه ڪو ڦرجي ٿو پر پوليس جي مٿي تي جونءِ به ڪون ٿي سُري. لاڙڪاڻي کان قمبر ويندڙ روڊ سان ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ آباد آھن، جن مان ٻيڙو چانڊيو به ھڪ آھي، باقي ڳوٺن جي بنسبت ھنن ڦرن ۽ ڌاڙن جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻيڙو چانڊيو واسي آھن، ويجھر ۾ ئي لاڙڪاڻي شھر کان پنهنجي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو موٽندي ڪيترائي ڳوٺ واسي ڦرجي چڪا آھن، ڳوٺاڻن پنهنجي حد جي تعلقي ٿاڻي تي شڪايتون به داخل ڪرايون آھن پر سندن ڪوئي تدارڪ نه ٿي سگهيو آھي ۽ نه ئي ڪا چوري يا ڦر جو ڪو سامان کين واپس ملي سگهيو آھي. خبر نٿي پوي ته تعلقي ٿاڻي جي پوليس کي ھنن لٽيرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان ڪير روڪي رھيو آھي، اسين ٻيڙو چانڊيو واسي تعلقي ٿاڻي جي S.H.O کي پرزور اپيل ڪيون ٿا ته ھنن ڦرن ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙي ھنن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گڏ لاڙڪاڻو قنبر روڊ تي وڌ کان وڌ پوليس جون پڪٽون قائم ڪيون وڃن ته جيئن ھتان جي عام ماڻهن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي ۽ کين تحفظ فراھم ڪري سگهجي.

 

ياسر سانڊاڻو/ٻيڙو چانڊيو

 

معشيت مستحڪم ڪرڻ لاءِ خزاني وارو وزير بڻائڻ!

 

نئين ڪابينا جي 19 ميمبرن 11 مارچ تي پنهنجي عهدن جو حلف کنيو، جن کي صدر آصف زرداري حلف کڻايو، نئين ڪابينا ۾ نوان چهرا به آهن جن ۾ ٽيڪنوڪريٽ محمد اورنگزيب به آهي، جيڪو وزير خزانا بڻيو آهي، جنهن حبيب بئنڪ لميٽڊ جو چيف آيگزيڪيٽو آفيسر جي عهدي تان استعفيٰ ڏني ۽ وزير خزانا جون ذميواريون سنڀاليون، جنهن کي وڏا چيليج درپيش آهن، جنهن لاءِ ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ جو مسئلو آهي، وزير خزانا کي آءِ ايم ايف کان قرض جي نئين قسط وصولي لاءِ اميدون گهڻيون آهن، جنهن کي گهڻا سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻا آهن، جيئن مهانگائي کان پريشان عوام وڌيڪ مهانگائي جي بار هيٺ نه اچي، اميد ته جيڪو آءِ ايم ايف کان قرض جي نئين قسط وصول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، جيڪو نيدرلينڊ جو شهري آهي، جنهن پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست منظور ڪئي وئي، جنهن کي وزارت خزانا آفيس پهچڻ تي خوش آمديد چيو ويو، جيڪو پنهنجي بئنڪن جي سڀ کان وڌيڪ پگهار وٺڻ واري سي اي اوز جي لسٽ ۾ شامل هو، جيڪو اڳوڻي اٽارني جنرل چوڌري فاروق رمدي مرحوم جو پٽ اڳوڻي جج سپريم ڪورٽ خليل رمدي جو ڀائيٽيو ۽ نياڻو آهي، جنهن وارٽن اسڪول يونيورسٽي آف پينسلوانيا آمريڪا مان ايم بي اي ڊگري حاصل ڪئي، ڏٺو وڃي ته ملڪي معيشيت کي ڪڏهن سنجيدگي سان نه ورتو ويو، سياسي پارٽين وٽ معاشي ماهرن جي ٽيم شروع کان هئي ڪو نه، حڪومت کي معاشي بحالي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تازي مردشماري موجب تقريبن 25 ڪروڙ جي آبادي سان گڏ آءِ ايم ايف موجب آمدني لحاظ کان پاڪستان جي پوزيشن 161 ۽ جي ڊي پي لحاظ کان 138 نمبر تي آهي جي ملڪ ۾ رهندڙ پهريان وزير خزانا تي هڪ نظر وجهجي ته ملڪ جو ٻيون وزير خزانا چوڌري محمد علي ايم ايس سي ڪيميسٽري هو، ايم ايس سي ڪيميسٽري جو معيشيت سان ڪهڙو تعلق؟ جڏهن ته ٽيون وزير خزانا سيد امجد به برطانوي راڄ جو سول سرونٽ هو، 1955 ۾ آمريڪا ۾ سفير هو جنهن به وزير خزانا بڻجي معاشي معاملن کي سڌي دڳ لائڻ لاءِ پنهنجو ڪم ڏيکاريو بعد ۾ وزير خزانا عبدالقادر سنجراڻي هو جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪينيا ۾ پاڪستان جو سفير هو ۽ بعد ۾ وزير خزانا ۽ وزير صحت بڻيو، ڀٽو صاحب جو دور آيو ته ڊاڪٽر مبشر حسن کي خزاني جو وزير بڻايو ويو، جيڪو سول انجنيئر ۽ آبپاشي کاتي جو ملازم هو بعد ۾ اسڪالر شپ تي ايم اي سي ڪرڻ آمريڪا ويو پي ايڇ ڊي به سول انجنيئرنگ ۾ ڪيائين، ڍاڪا يونيورسٽي ۾ پڙهايائين خزاني جو وزير بڻيو، مبشر حسن کان بعد ڀٽو صاحب راڻا حنيف کي خزاني جو وزير بڻايو، جيڪو وڪيل هو، لنڪزان مان بار ايٽ لا هو، راڻا کان بعد ڀٽو صاحب خزاني جو وزير سکر وارو حفيظ پيرزادو بڻايو ويو جيڪو به وڪيل هو، معاشي معاملن ۾ مهارت غير معمولي هئس، تعليم جو ۽ وزير اطلاعات، وزير قانون به هو، ياسين وٽو به وزير خزانا بڻيو، جنهن جي به معاشي قابليت وڪالت هئي، اسحاق خان به سول سرونٽ هو، تعليمي قابليت ڪيميسٽري ۽ باٽني ۾ بي ايس سي هئس، جنهن معيشيت سڌي ڪرڻ لاءَ اهڙو ڪم ڏيکاريو جو شايد ڪنهن ڪيو هجي بينظير صاحبه دور ۾ احسان پراچي کي خزاني جو وزير بڻايو ويو جيڪو به وڪيل هو هن وقت موجوده حڪومت معاشي حل لاءِ بهتر کان بهتر ڪم ڏيکارڻ لاءِ سرگرم آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ڪنب جو ڳوٺ شاهه محمد تمراڻي گئس جي سھولت ڏيو!

 

اڄ جي جديد دور ۾ ڪنب شھر ۾ گھڻ آبادي تي ٻڌل ھڪ اھڙو قديمي ڳوٺ شاهه محمد تمراڻي موجود آهي، جنهن جا رھاڪو اڄ جي سائنسي دور ۾ به پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، نه روڊ ۽ رستا آھن نه وري ڊرينيج سسٽم جي سھولت موجود آهي نه وري گئس جھڙي نعمت ميسر آهي. ڳوٺ شاهه محمد تمراڻي جا رھاڪو اڄ جي ان جديد دور جي مالھا پڙھندڙ سياستدانن جي منهن تي چماٽ جيان آهن. ڳوٺ ۾ گئس زيرو پوائنٽ تي موجود ھجڻ باوجود به ڳوٺاڻا انهيءَ سھولت کان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن، ڳوٺاڻن پاران ڪيترائي ڀيرا گئس جي اعليٰ عملدارن جا در کڙڪايا ويا آهن پر انهن کي ٺلهن آسرن کان سواءِ ڪو به لاڀ حاصل ٿي نه سگھيو آهي، ڳوٺاڻن پاران تڪ جي چونڊيل ايم اين اي ادي نفيسا شاهه جيلاني، ايم پي اي ھالار خان وساڻ ۽ ٻين وس وارن کان گئس جي سھولت جلد ڏياري بيچيني ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

 

زوھيب نظام تمراڻي/ڪنب

 

انسانيت، مسڪين پورھيتن سان پيار ڪندڙ انمول شخصيت!

 

عظيم انسان ڪي مختلف ماڻھو ناھن ھوندا بس سندن جي ڪيل ڪم جي سچائي انھن کي عظيم ڪري ڇڏيندي آھي، عظيم ٿيڻ لاءِ انسانيت جي فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آھي، اڄ مان ڪجهه لفظ ان عظيم شخصيت لاءِ لکندس، جيڪا انسانيت سان بي پناھ محبت ۽ انهن جي خدمت ڪندڙ ۽ ھميشه انهن سان ڀرجھلو ٿي بيھندڙ ان عظيم ڪردار شخصيت جي باري ۾ لکندس، سکر سنڌ جو ٽيو نمبر وڏو تاريخي شھر، تعليمي درسگاھ آھي، ان شھر ڪيترين عظيم ڪردارن کي جنم ڏنو آھي، انهن عظيم ڪردارن مان سنڌ ڌرتيءَ جي بھادر نياڻي ميڊم شائستـه کوسو صاحبه به ھڪ عظيم شخصيت آھي. ميڊم شائسته کوسو سماجي تنظيم اسٽيپ فائوڊيشن جي چيئرپرسن ۽ اھا مانواري شخصيت آھي، جيڪا ڪنهن تعارف جي محتاج ناھي، جنهن کي رب تعاليٰ وڏي عزت سان نوازيو آھي، ھر عام ماڻهن توري مسڪين ماروئڙن سان پيار محبت ڪرڻ ۽ نياز نوڙت سان پيش اچڻ، جنهن ھميشه انسانيت کي اھميت ڏني آهي، عوامي ماڻهو، عوامي ليڊر، عوامي خدمتگار، جنهن نه رڳو انساني خدمت ڪئي آهي پر دنيا وارن وڏائي خورن کي اھو پيغام ڏنو آهي ته ھي عھدا ھي ڪرسيون ڪجهه وقت جي لاءِ آهن، باقي حقيقي انسان جو ڪردار آهي جنهن سان محبت، پيار، احساس، ھمدردي، پنھنجائپ، عزت، مان، شان، مرتبو، مڃتا ۽ دلين تي قبضو ڪري ويندا آهن پر ڪروڙين دلين تي راڄ به ڪندا آهن، ميڊم شائسته کوسو ھزارين غريب مسڪينن بي سھارا لاچار مظلوم ماروئڙن جي ھر وقت مدد ڪندڙ اھا مھان شخصيت آھي ميڊم نه ڪنهن وڏي عوامي عھدي تي آھي نه ئي اقتدار ۾ آھي پوءِ به ھي سنڌ جي بھادر نياڻي ھميشه مظلومن جي مدد ڪندڙ عوامي اڳواڻ آھي، ھر سال رمضان شريف ۾ مسافرن ۽ مسڪين ماروئڙن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت سحري ۽ افطاري ڪرائڻ جو احتمام ڪندي آھي، جتي ھزارين روزيدار ۽ بکايل مظلوم ماڻهو اچي ماني کائيندا آھن ۽ غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندڙ غريب پورھيت خاندانن ۾ راشن ۽ عيد جا ڪپڙا تقسيم ڪندي آھي، بهرحال ميڊم جي باري جيترو لکجي اوترو گھٽ آھي، واقعي اھڙا وجود ھن ڌرتيءَ تي ورلي هوندو جن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق ناھي. ميڊم شائسته کوسو به ھڪ نھايتي قربائتي سدوري انسانيت ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ ڪردار آھي، ان لاءِ لفظ ناھن. قسمت وارا ئي ھوندا آھن اھي انسان جن کي انسان ذات جي خدمت لاءِ ھن دنيا ۾ موڪليو ويندو آھي. اڄ مان ميڊم کي شائسته کوسو کي دل جي گھراين سان ڀيٽا پيش ڪريان ٿو ۽ اھڙا حقيقي ڪردار ذات پات کان مٿانھان ھوندا آھن. ھي پئسو سڀ ھتي رھجي وڃڻو آهي اتي بس عمل ھوندا. انسان ذات جي خدمت ڪرڻ عين عبادت آھن پر ڪاش اسان ان ڳالھ کي سمجھي سگھون، رب ڪريم ميڊم کي اڃا به صحت ۽ تندرستي عطا ڪري اھو جوش ۽ جذبو مسڪين غريب ماروئڙن جي مدد ھميشه برقرار رکي، آمين ۽ سنڌ حڪومت کي به اھا اپيل ڪيون ٿا تـ ميڊم شائسته کوسو جي سربراھي ۾ ھڪ اھڙو ادارو قائم ڪيو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي غريب اٻوجھ ماروئڙن جي ھر وقت مدد ڪئي وڃي.

جيڪو کائي ويو سو اڏائي ويو،

جيڪو جوڙي ويو سو ڇڏي ويو،

جيڪو ڏئي ويو سو ئي پاڻ سان کڻي و.يو

 

علي حيدر عباسي/ ڀرياسٽي

 

استادن جي جان و مال جو تحفظ ڪنھن جي ذميواري آھي!‎

 

گذريل ٻن مھينن جي اندر سنڌ جي ٽن پرائمري استادن کي شھيد ڪيو ويو آهي. ڪالھ وري سائين الله رکيو کي ڊيوٽي تان واپس ايندي رستي ۾ ھٿياربندن ڦر جي دوران مزاحمت ڪرڻ تي سائين کي گوليون ھڻي شھيد ڪري ڇڏيو. اوھان کي ياد ڏياريندو ھلان ته سائين الله رکيو جي ڪجھ ڏينھن پھريان سماجي رابطن واري ذريعن تي وڊيو به منظر عام تي آئي ھئي جنھن ۾ سائين بندوق ساڻ ڪري پنھنجي ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھو. ان مان صاف واضح ٿي چڪو ھو ته حالتون ڪيتريون نه ڳنڀير هيون جو هڪ استاد پنھنجي حفاظت لاءِ پاڻ سان ھٿيار کڻي هلڻ کي اوليت ڏيندو هو. جيتوڻيڪ اھا وڊيو سماجي رابطن واري ذريعن تي تمام گھڻي پکڙي هئي پر پوءِ به نه ڄاڻ ڇو کيس تحفظ فراھم ڪرڻ جي ذميواري کي ڪنھن به اداري پاڻ نه قبولي. جيڪڏهن حالتون جيئن جو تيئن رهيون ۽ جھڙي ريت ھن وقت آھن ته اڳتي نه ڄاڻ عوام سميت استادن کي الائي ڪھڙا ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پوندا. تنھن جي ڪري حڪومتي ادارن کي امن امان جي بحالي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ گھرجن. اسين سائين الله رکيو نندواڻي جي قتل جي پرزور مذمت ڪرڻ سان گڏ کيس شھيد ڪندڙ قاتلن جي گرفتاري جو پرزور مطالبو پڻ ڪريون ٿا، اميد ته حڪومتي ادارا اتر سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ڏوھارين خلاف جلد کان جلد ڪو وڏو ۽ گڏيل آپريشن ڪري عوام ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا جيئن مسڪين ماڻھو سک جو ساھ کڻي سگھن.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد

ڌاڙيلن جي ور چڙهيل سنڌ!‎

 

ڪشمور جيڪو سنڌ جي سرحد جو شھر سڏجي ٿو تنھن ضلعي ۾ ھزارين بيگناهه بي سبب ماريا وڃن ٿا ڪچي ۾ پنج 6 ماڻھو روزانو مارڻ ڌاڙيلن جو مانيءَ جو وقت آھي، جنھن کي ھو ٽائيم تي کائيندا آھن، ھزارين ماڻھن کي ھاف فرائي ڪري ڪنھن کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڪنھن کي ڪپڙن کان آجو ڪري انھن جا وڊيوز ٺاھي سوشل ميڊيا تي ھلائن ٿا مزدورن، واپارين، مسترين کي روزي جون لالچون ڏئي پنھنجي ضابطي ۾ آڻي وارثن کان ڳرا ڀنگ طلب ڪن ٿا، جيڪي غريب مزدورن مسترين واپارين زندگيءَ ۾ شايد ڪٿي ڪمائڻ جو سوچيو ھجي، مسڪينن جا وارث به بيوس بڻجي خدا کي ڏانھن ڏئي بيڪار ھاٿين يعني آفيسرن ڏانهن ڏسندا رھندا آھن، معنيٰ ڪو اچي انھن کي انھن جا پيارا آزاد ڪرائي ڏيندو پر اھي آفيسر پنھنجن پرائيويٽ ڪمن ۾ مصروف رھن ٿا، جڏھن ڌاڙيلن کي انھن مان ڪو به آسرو نه ھوندو آھي ته ھو انھن کي ڪُٽي چيٻاٽي لتاڙي قتل ڪري ويڊيوز ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏين ٿا ۽ بيوس لاچار وارث روئيندا رھجي وڃن ٿا. سوال آھي منھنجو ته ھيڏي وڏي بجيٽ کڻندڙ پاڪ آرمي ڪٿي آھي؟ ڪٿي آھي دنيا جي پنجون نمبر پاور فل فورس؟ ڪٿي آھن نيوڪليئر ٽيڪنالاجي؟ ڪٿي آھن توبون؟ ڪٿي آھن لانچرز؟ ڪٿي آھن ھيڏا وڏا ھٿيار، جن جا چرچا ملڪا ملڪ مشھور آھن؟ ڇا اھي رڳي سرحد ٻاھران استعمال لاءِ آھن؟ يا آھن ئي ڪونه؟ جيڪڏهن آھن ته پوءِ استعمال ڇو نٿا ڪيو انھن جو، ڇو ٿا معصوم ٻار کنڀجن، ڇو ٿا مزدور ڪپيا وڃن، گھرن جا گھر تباھ ڪيا وڃن؟ شرمندگي سان چوڻو ٿو پئي ته ٻاھر جا ماڻهو اسان جي فوج کي ڪھڙو طاقتور چوندا جيڪا پنھنجي ملڪ جي ھڪ صوبي جي ھڪ علائقي مان ئي دھشتگردي ختم ڪري امن امان ڪائم نه ٿي ڪري سگھي. صدر آصف زرداري صاحب وزيرستان ۾ شھيد جوانن جو پلاند وٺو ٿا ڀلي وٺو ھو به شھيد وطن آھن پر ٿورو ھيڏانھن به نھاريو انھن ڌاڙيلن کان به ته پلاند وٺو جيڪي هٿيار اڀا ڪيون ۽ مڇيون وٽيو ويٺا آهن.

 

محمد بخش ٿھيم/ ڳوٺ سيٺ اسلام

 

آن لائين ڏوڪڙ ڪمائڻ!

 

آڳاٽي دور کان ئي ڏوڪڙ يا ناڻو ڪمائڻ لاءِ ماڻهو مختلف طريقا استعمال ڪندا پيا اچن، انهن طريقن ۾ هر دور ۾  نئون ٽريڊ اچي وڃي ٿو ۽ ان نئين ٽرينڊ کي اپنائيندي ڪمائي ڪئي وڃي ٿي، پوئين ڏهاڪي 2011ع کان 2020ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ آن لائين ڪمائي متعارف ڪئي وئي، جنهن 2020ع ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ کوڙ ٻارڙن، نوجوانن توڙي پڪن پوڙهن ۾ آن لائين ڪمائيءَ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ ڪامياب به ٿيا. پاڪستان ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ملي سگهن ٿيون جن آن لائين ڪمائي ذريعي نالو ۽ ناڻو ٻئي ڪمايا پر ٿورڙي گهڙيءَ لاءِ ئي سوچجي ڇا اهو عمل ايترو سولو ٿي سگهي ٿو؟ يا ان لاءِ به پتوڙ ڪرڻي پوندي آهي. سوشل ميڊيا تي ڪافي دوست ان ڳالهه جو اظهار ڪن ٿا ته اڄ ئي اينڊروئڊ موبائل ۽ ليپ ٽاپ وٺو ۽ آن لائين ڪمائي ڪريو، اهو سفر به ايترو سولو ڪو نه آهي، اهو به ايترو ئي وقت گهري ٿو جيترو ڪنهن به سرڪار ي يا خانگي اداران ۾ نوڪريءَ لاءِ تياري گهرندي آهي.

 

راحيل بڙدي/خيرپورميرس