جهرڪين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان … جهرڪين جي ڳڻپ تحفظ يا پئسا کائڻ جو طريقو؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
39

 جهرڪين جي  اڄ عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي، سنڌ ۾ جهرڪين جي ڳڻپ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، سرڪار مٿان تنقيد ڪئي وئي ته تعريف به ٿيندي رهي، مزاحيه ۽ طنزيه به پوسٽون شيئر ڪيون ويون، ان حوالي سان  يوسف سيف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 20 مارچ پکين جو عالمي ڏينهن،سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي پاران هر سال 20 مارچ تي جهرڪين جي  عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڪراچي ۾ جهرڪين  جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي آهي. هن آدمشماري جي نتيجن جو اعلان 20 مارچ تي ڪيو ويندو.2010 کان اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.ان جو مقصد هن انسان ۽ هاري دوست معصوم پکين جي تحفظ بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. دنيا ۾ تيزي سان هي گهريلو پکي ختم ٿي رهيو آهي. کاتي پاران شهري هن مهم ۾ شامل ٿي رهيا آهن. مهم دوران مليل پکين جون وڊيوز ۽ تصويرون ٺاهڻ سان گڏ انهن جي جڳھه به نوٽ ڪبي. پکي ماحولياتي توازن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هي هڪ ماحول ۽ هاري دوست پکي آهي ۽ اهو فصلن ۽ ٻوٽن لاءِ نقصانڪار جيتن کي ڪنٽرول ڪري ٿو. شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  سرڪاري پئسا ڪيئن کائجن! سنڌ سرڪار جي جهنگلي جيوت کاتي جو انوکو فيصلو، هاڻي جهرڪين جي ڳڻپ ٿيندي، 121 رضاڪار سرگرم ڪيا ويا، معشوق پرهياڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ جهنگلي جيوت کاتي پاران جهرڪين جي ڳڻپ شروع، دوست جهرڪيون ڳڻڻ شروع ڪريو، ايم سليمان جوکيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪتن کي کسي ڪرڻ کان پوءِ 2024 ۾ سنڌ حڪومت پاران جهرڪين جي ڳڻپ معنيٰ آدم شماري ڪئي پئي وڃي، تاج پرهياڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ جهرڪين جي ڳڻپ جو عمل استادن کان ڪرايو ويندو، ظفرالله لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ابا ڏيو منهن. اڳ ۾ ڪتا کسي ڪيا ويا هئا ۽ ھاڻ جهرڪين جي ڳڻپ ٿيندي. زوهيب عمر لغاري لکيو ته شھرن ۾ ڪبوترن کي داڻا کارائڻ جي ڪري ھنن جو تعداد تمام گھڻو وڌيو آھي جنھن جو نقصان ٻين کوڙ سارن پکين کي ٿيو آھي. ٻيا پکي ڄڻ ته اڻلڀ ٿي رھجي ويا ھجن، باقي جھرڪيون به تمام گھڻيون گھٽجي ويون آھن. تنھن ڪري ھنن جي گڻپ ڪري ھنن جو صحيح انگ اکر گڏ ڪجي ۽ اھو عمل ھر سال ورجائجي ته جئين خبر پئجي سگھي ته ڪيتري تيزي سان ھنن جو انگ گھٽجو آھي ۽ ھن کي وڌائڻ لاءِ اپائو ورتا وڃن. جھنگلي جيوت کاتي طرفان تمام بھترين ڪم ڪرڻ تي سندن ساراھه ڪرڻ گھرجي ۽ اھو ساڳيو ڪم ٻين ڪيئي چرند پرند سان به ٿيڻ گھرجي. محمد ابراهيم لکيو ته پئسا کائڻ جو طريقو آهي، علي گل مڱريو لکيو ته انڌير نگري آهي، جاويد اقبال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جهنگلي جيوت کاتي پاران ڪراچي ۾ جهرڪين جي ڳڻپ ڪرڻ جو عمل شروع، ڪراچي ۾ جهرڪين جي ڳڻپ جو عمل استادن کان اوڌر تي ڪرايو ويندو، جان ايم شورو، سجاد غلام عباس جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سلام آھي اسانجي آفيسرن ۽ انتظاميه کي  مال ڪمائڻ جا عجيب طريقا خبر ناھي ڪٿان ٿا ڳولھي اچن؟

1.ماڪڙ مارڻ لاءِ ريوؤ گاڏين جي خريداري

2.ڪتا خسي ڪرڻ لاءِڪروڙن جي بجيٽ

3.جانورن جي کاڌ خوراڪ ۽ وئڪسين لاءِ بجيٽ

4.ٻوڏ متاثرن کي بادام ۽ پستا کارائڻ لاءِ بجيٽ ۽ ھاڻي وري نئين ڊراميبازي

جهنگلي جيوت کاتي پاران ڪراچي ۾ جهرڪين جي ڳڻپ ڪرڻ جو عمل شروع

معصوم پکين جي نالي تي به اربين رپيا کائڻ وارا خدا توھانکي پڄي باقي زور آھيو،

محمد خان جمالي هڪ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لکيو ته جهرڪين کي ڪيئن ڳڻيندا جهرڪي ذر ھيڏانھن ويندي ھوڏانھن ويندي هڪڙي جهرڪي کي ھزار دفعا ڳڻيندا. عبدالحفيظ ويسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ به داڻي جي تلاش ۾ نڪتل جهرڪي خود بُکايل ۽ وحشي باز جي چَنبن جو گرهه ٿي وئي آهي، سارنگ جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻڌو آ ته سنڌ ۾ “جهرڪي” ڳڻپ ٿي آهي ۽ تقريبا” پنج ڪروڙ “جهرڪيون” ڳڻيون ويون!!! محمد عثمان راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جهرڪي ڳڻڻ ۾ فائدو ڪهڙوآ، نه ڳڻڻ جن نقصان ڪهڙو آهي.