سوال/سروي … استاد جو قتل، تعليم ۽ شعور جو قتل آهي: استاد الله رکيو نندواڻي جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
35

 تنگواڻي ۾ استاد جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، تنگواڻي لڳ پنهنجي تحفظ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي ڊيوٽي تي ويندڙ فرض شناس استاد الله رکيو نندواڻي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، اهڙي واقعي خلاف شديد ردعمل ڏنو ويو، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته ايس ايس پي ڪشمور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شَھيد اُستاد الھرکيو نندواڻي جي قتل جو ڪارڻ ڪارنھن تڪرار ڄاڻائي ڇَڏيو آهي. ان سلسلي ۾ محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حالتون ايتريون خراب ٿي چڪيون آھن ماڻھو ھٿيار ھوندي به محفوظ ناھي. ھي تصوير تنگواڻي لڳ ھڪ استاد الله رکيو نندواڻي جي آھي جيڪو بدامني جي سبب ڊيوٽي تي ويندي پاڻ سان گڏ ھٿيار کڻي وڃڻ لڳو ۽ ڦر دوران مزاحمت ڪندي کيس شھيد ڪيو ويو آھي. ھاڻ عام ماڻھو ڪيترو محفوظ ھوندو اندازو لڳايو. ھيڏي وڏي فورس ھوندي چند سو ڌاڙيل ھنن کان نٿا سنڀاليا ٿين. شرم اچڻ گھرجي حڪومت کي بس افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو . رضا محمد کوسو، جاني ملاح، اقبال نواز، شفيع ايم، غلام مصطفيٰ برهماڻي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ۾ ھڪ استاد جو قتل سموري سنڌ جي تعليم تي وار ٿا سمجھون. جنهن تي امين چانڊيو لکيو ته مذمت ڪجي ٿي، طارق علي پنهور به ردعمل ڏنو، حبيب الله ڇڄڙو لکيو ته الاھي افسوس ٿيو، ھي ھڪ استاد نه پر پوري نظام جو موت آھي. ڪشن چند لکيو ته استاد جو قتل، تعليم جو قتل، شعور جو قتل، ميگهواڙ جيٺانند لکيو ته لاقانونيت جي حد آهي اسان جي حڪمرانن کي ٻڏي مرڻ کپي، مممتاز علي قاسمي به ردعمل ڏنو، شهباز مستوئي لکيو ته ھانو ئي ڇڄي پيو آ. اسٽاد ماربا آھن ڇا؟ آزاد بروهي لکيو ته شعور جو قتل آھي، ساحل سنڌي به ردعمل ڏنو. آصف چارڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آئون ھن استاد جي قتل تي بي انتھا ڏکارو آھيان، پرودگار جنت  ۾ جايون  ڏيندس، ‏جتي فصل ناھن پوکبا، اتي ڪانڊيرا ۽ ڊڀ ڦٽندا آھن،  جتي تعليم ناھي ھوندي،  اتي جاھل ۽ وحشي ماڻھو پيدا ٿيندا آھن. عجب پيرل، جهانگير ٻٻر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استاد قتل،ڊاڪٽر قتل،پروفيسر قتل، شاگرد قتل، وڪيل قتل، ۽ عالم قتل، ڌاڙيل آزاد، ڏوھارآزاد، بدمعاش آزاد ۽ بليڪ ميلر آزاد، سنڌ تنهنجا نصيب. اسلم سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڊيو رڪارڊ بعد ڏوھارين استاد کي قتل ڪري ڇڏيو،تنگواڻي لڳ پنهنجي تحفظ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي ڊيوٽي تي ويندڙ فرض شناس استاد الله رکيو نندواڻي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ابراهيم خاڪي به استاد جي قتل خلاف پوسٽ شيئر ڪئي، شهناز شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي حفاظت لاءِ ڪشمور ۾ بندوق کڻي ويندڙ استاد ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي مارجي ويو…جيءُ جهوريندڙ خبر، جنهنجو هو ڊپ اهو ئي ٿيو … تنگواڻي لڳ ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي ڊيوٽي تي ويندڙ فرض شناس استاد الله رکيو نندواڻي کان ڦر جي ڪوشش  ڪئي وئي ، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، علي محمد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته يا حسين، سنڌ قتل گاهه بڻجي وئي.. اڃان خاموش رھجو ھن لاقانونيت خلاف…؟ پنھنجي حفاظت لاءِ بندوق کڻي ڊيوٽي تي ويندڙ استاد الله رکيو نندواڻي ڌاڙيلن ھٿان گولين جو کاڄ بڻجي ويو، ساحل سڪندر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻه دردناڪ خبرون، ياحسين سنڌ مقتل گاھ بڻجي وئي ! نوجوان ڀاءُ آڪاش پٺاڻ ڀيڻ جي لڄ بچائيندي شهيد ٿي ويو، هڪ فرض شناس استاد الله رکيو نندواڻي تعليم بچائيندي گولين جو کاڄ ٿي ويو ؟ عرفان ٻگهيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته استاد الله رکيو نندواڻي ڌاڙيلن ھٿان شهيد، سندس قتل جو ذميوار ڪير ڪير آهي؟.. اتر سنڌ ۾ حالتون خراب ٿي ويون آهن. آصف نواز، ايم ايوب نندواڻي، عمران حسن انڍڙ، ثناءُالله مگسي، سراج چنا، وحيد علي کوکر، اسد نظام چانڊيو، عارف قريشي، شفيق کوسا، سرفراز کوسو، خدا بخش، اڪرم چانڊيو، اظهر آزاد مغل، معشوق علي بوزدار، دلشاد جمن لغاري، حنا لاڙڪ، اعجاز احمد، زاهد خان ڪنڊراڻي، قاسم ڀٽو ۽ ٻين به استاد جي قتل خلاف پوسٽون شيئر ڪيون.