ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال مٿان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مصطفي ڪمال پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر کيس شامل نه ڪيو ويو، جنهن ڪري هاڻ هو اسان خلاف واويلا پيو ڪري، ٻئي طرف مصطفي ڪمال پي ٽي آءِ جي اهڙي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته هن ڪڏهن به پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، هن انڪشاف ڪندي چيو ته سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل وٽس اچي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرڻ چاهيو، گورنر اهو به چيو ته گاڏي ۾ مٺائي به کڻي آيو آهيان، رڳو ورهائڻ جي دير آهي پر مون سندس آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو، هوڏانهن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل مصطفيٰ ڪمال جي اهڙي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته آئون ڪڏهن به مصطفيٰ ڪمال جي گهر ناهيان ويو، مصطفيٰ ڪمال پاڻ حڪومتي جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ساڻس ملاقات ڪئي هئي.