ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ گڏجي ڪراچي جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن، اهو ئي سبب جو تڪراري آدم شماري کي منظور ڪرايو ويو آهي، پي ٽي آءِ کي بلديا واقعي جو جواب ايم ڪيو ايم جي نفيس وزيرن کان وٺڻ گهرجي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اين اي 249 هاڻي سندس مستقل تڪ آهي، هو اتان ئي اليڪشن وڙهندو، مون جڏهن اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته سموريون پارٽيون مون کي هارائڻ واري ايجنڊا تي متفق ٿي ويون، پي ايس پي چونڊ کٽي هائڊرنٽس مافيا ۾ هٿ وجهي ها، هن چيو ته 2018ع جي ڀيٽ ۾ هن وقت پي ايس پي جو گراف وڌيو آهي،