گورنر پنجاب پاران هاءِ ڪورٽ جي جج خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪلڻ جو اعلان

0
193
سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس
گورنر پنجاب پاران هاءِ ڪورٽ جي جج خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪلڻ جو اعلان

پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج خلاف ريفرنس سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي

هڪ بيان ۾ گورنر پنجاب چيو ته ڀٽو کي عالمي سازش تحت ڦاهي ڏني وئي، اڄ عمران خان خلاف سازش ڪئي وئي ۽ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو

ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عمر سرفراز چيما چيو ته هر گذرندڙ لمحو پنجاب جي معصوم ۽ باوقار نوجوانن جي زندگي مشڪل بڻائي رهيو آهي

هن وڌيڪ چيو ته سيسيلين مافيا پنهنجي مخالفن تي ناموس رسالت ﷺ جهڙن سنگين ڏوهن لاءِ ڪوڙا پرچا ڪاٽي رھيو آھي

گورنر پنجاب چيو ته پنجاب جي غريب ۽ معصوم شهرين کي تنگ ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم وقت ضايع نه ڪري، آپشن محدود ٿي رهيا آهن