مذهبي معاملن واري وزارت ٽور آپريٽرز کي غير قانوني حج رجسٽريشن شروع ڪرڻ تي خبردار ڪري ڇڏيو

0
208
بينڪن ۽ وزارت جي نااهلي

مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج پانڌيئڙن جي رجسٽريشن غير قانوني طور تي شروع ڪئي وئي آهي

مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه پرائيويٽ ٽور آپريٽرز ۽ ڪجهه شخصيتون غير قانوني طور عوام کان حج جا پئسا وٺي رهيا آهن

بيان موجب اهو ايڪٽ سراسر غلط ۽ غير قانوني آهي، اهڙن سمورن فردن ۽ ڪمپنين کي گهرجي ته هو ان غير قانوني عمل کان پاسو ڪن

مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪنهن به ٽور آپريٽر کي حج درخواستون وٺڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي، ڪو به ماڻهو پاسپورٽ، رقم ڪنهن شخص يا ٽور آپريٽر وٽ جمع نه ڪرائي