ڳڙهي حسن ۾ پ پ جي گڏجاڻي، ٽڪيٽ تان منهن ماري،اعجاز جکراڻي اٿي هليو ويو

0
121
ڳڙهي حسن ۾ پ پ جي

ٺل (ن پ ا) ڳڙهي حسن سرڪي ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي بنگلي تي بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پيپلزپارٽي پاران اميدوارن سان گڏجاڻي رکي وئي، جنهن ۾ پ پ ڊويزنل صدر ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز  جکراڻي، ذوالفقار سرڪي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

گڏجاڻي ۾ ٺل تعلقي جي 23 يونين ڪائونسلن تي درخواستون ڏيندڙ اميدوارن توڙي پيپلزپارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ٽڪيٽ مامري تي سليم کوسو ۽ غضنفر جکراڻي ۾ منهن ماري ٿي

صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي وچ ۾ پئي مامري کي ٽاريو.جنهن بعد اعجاز جکراڻي اميدوارن سان گڏجاڻي ختم ڪري واپس جيڪب آباد هليو ويو، جنهن ڪري اميدوارن جي نالن جو ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو

. جڏهن ته ٺل تعلقي جي 23 يونين ڪائونسلن تي پ پ جا هر يوسي تي ٽي ٽي اميدوارن پ پ ٽڪيٽ لاء درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن جنهن ڪري پارٽي قيادت کي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاء مشڪلات پيش اچي رهي آهي جنهن ڪري نالن جو اعلان پڻ نه ٿي سگهيو آهي