پاڻي جي کوٽ وڌي وئي، ٺٽي کانپوءِ بدين ۾ به پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

0
398
سنڌ ۾ پاڻي کوٽ

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي، ٺٽي کانپوءِ بدين ۾ به پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو ۽ ڌرڻا هنيا ويا

ٿر ڪول روڊ تي احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته جيستائين واهن ۾ پاڻي نه ايندو، تيستائين احتجاج جاري رهندو

ٻئي پاسي سنڌ جي سڌسما واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وفاقي حڪومت کان سنڌ صوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ قومي معيشت لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندي

ٺٽي ۾ پاڻي کوٽ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو 2 ڪلاڪن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد رياض جي يقين ڏيارڻ تي ختم ڪيو ويو

ٻئي پاسي سکر بئراج جي انچارج ڪنٽرول روم تصديق ڪندي چيو آهي ته سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن سبب سکر ۽ گڊو بئراج جي ڪيترن ئي واهن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي

سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج موجب ٽنهي بئراجن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي، سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجز وٽ 40 سيڪڙو پاڻي  کوٽ جي نشاندهي