اسلام آباد ويجهو تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شهباز گل روڊ حادثي ۾ زخمي

0
211

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ويجهو تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شهباز گل روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آھي، موٽر وي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي گاڏي سان حادثو پيش آيو

 شهباز گل لاهور کان اسلام آباد وڃي رهيو هو ته سندس گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنھن سبب ھو زخمي ٿي پيو، موٽر وي ذريعن موجب شھباز گل جي گاڏي سان حادثو ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو