گهوٽڪي ۾ واسا برادري جي ماڻهن جو ٽيئن ڏينهن به احتجاج

0
236

گهوٽڪي(ن پ ا) ٻار وٺو ٻار وٺو، وڏيري کي جرڳو ڀري ڏيڻ لاءِ ٻار وڪري لاءِ موجود آهن، بااثر جرڳائي وڏيري امان الله واسو ۽ ٻين خلاف واسا برادري جي ماڻهن جو ٽيئن ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي گهوٽڪي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي ٻار وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏنا، درگاهي واسو، اميرحمزه واسو، نظير احمد واسو ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته علائقي جي بااثر وڏيري امان الله واسو بلاچ خان شاهاڻي وٽ سڱ نه ڏيڻ ۽ ناري فهميده واسو جي ٻئي جوان سان شادي ڪرائڻ جو جرڳو ڪري 55 لک روپيا چٽي مقرر ڪئي آهي، هنن چيو آهي ته بااثر وڏيري امان الله واسو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي فيصلو نه مڄڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن الزام هنيو ته ڳوٺ ۾ جيڪا ناري وڏيري کي وڻندي آهي ان تي نظرون وجهندو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن ۽ روڪڻ تي پوليس معرفت ڪوڙن ڪيسن ۾ مردن کي گرفتار ڪرائيندو آهي. واضح رهي ته سردار بالاچ خان شاهاڻي جي رهائيشگاه تي ناري فهميده واسو جو سڱ وڏيري امان اللّه واسو کي نه ڏيڻ ۽ ناري جي شادي ٻئي نوجوان سان ڪرائڻ واري معاملي جو جرڳو ڪري درگاهي واسو جي ڌر مٿان 55 لک روپيا ڏنڊ چٽي مقرر ڪئي هئي ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.