سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي عوامي رابطا ريلي سجاول پهتي، شاندار استقبال

0
284

سجاول(ن پ ا) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ ريلي گهگهر کان شروع ٿيندڙ عوامي رابطا ريلي سجاول پهچي وئي، عوامي رابطا ريلي جي اڳوڻي ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو ۽ نواز خان زئور ڪري رهيا آهن، ريلي جو سجاول پهچڻ تي برانچ موري کان پبلڪ پارڪ تائين شاندار استقبال ڪيو ويو، ريلي ۾ قوم پرست تنظيمن جا ڪارڪن ۽ سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي ۽ شهرين جو وڏو انگ موجود آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بحريا ٽائون ڌارين جي آبادڪاري سنڌ دشمن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌي عوام سراپا احتجاج بڻجي وئي، بحريا ٽائون انتظاميه طرفان بيگناه سنڌي ماڻهن تي ڪوڙن خلاف ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين گرفتار ڪيل سنڌين کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، ريلي ۾ ڪار ۽ موٽر سائيڪل تي ڪارڪنن وڏي جوش جذبي سان شرڪت ڪئي.