گلوڪارا شڪيرا هاڻ نوجوانن کي نچائيندي، نئين شو جو اعلان

0
225
گلوڪارا شڪيرا هاڻ نوجوانن کي نچائيندي، نئين شو جو اعلان
گلوڪارا شڪيرا هاڻ نوجوانن کي نچائيندي، نئين شو جو اعلان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪولمبيا سان واسطو رکندڙ عالمي شهرت يافتا گلوڪارا شڪيرا پنهنجي هڪ نئين شو جو اعلان ڪيو آهي. گلوڪارا جلد اين بي سي (NBC) جي سهڪار سان ڊانس مقابلي لاءِ ”ڊانسگ ود مائي سيلف“ جي نالي سان شو شروع ڪرڻ واري آهي. ان شو ۾ هر هفتي ڊانسرز جي نون گروپس کي ڊانس چيلينجز جي هڪ سيريز ۾ مقابلو ڪرائڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي جڏهن ته شو ۾ ڊانس جي ڪوريوگرافي شڪيرا سان گڏ شو جي مشهور تخليقڪارن ڪئي آهي. شڪيرا جو ان شو بابت چوڻ آهي ته هوءَ ڊانس جي مقابلن جو حصو بڻجڻ لاءِ پرجوش آهي.