ڌار سڃاڻپ رکان ٿي: پريانڪا چوپڙا نڪ جونس جي زال سڏڻ تي چڙي پئي

0
254
ڌار سڃاڻپ رکان ٿي: پريانڪا چوپڙا نڪ جونس جي زال سڏڻ تي چڙي پئي
ڌار سڃاڻپ رکان ٿي: پريانڪا چوپڙا نڪ جونس جي زال سڏڻ تي چڙي پئي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) عالمي شهر يافتا ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ”نڪ جونس“ جي زال چوڻ تي ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. پريانڪا چوپڙا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي نئين فلم ”دي ميٽرڪس“ بابت لکيل آرٽيڪل جا ڪجهه اسڪرين شاٽس شيئر ڪيا آهن. ان آرٽيڪل ۾ اداڪارا کي گلوڪار نڪ جونس جي گھرواري چيو ويو جنهن تي اداڪارا تنقيد ڪئي آهي.

هن اهي اسڪرين شاٽس شيئر ڪندي لکيو ته ”دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هيل تائين سڀ کان مشهور فلم پروڊڪشنز مان هڪ جي مشهوري ڪري رهي آهيان، ۽ هاڻ به کيس نڪ جونس جي زال چئي سڏيو پيو وڃي“. هن لکيو ته ”مهرباني ڪري وضاحت ڪيو ته عورتن سان اڃا به اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟. آخر ۾ اداڪارا لکيو ته ”ڇا کيس پنهنجي بائيو ۾ پنهنجي انٽرنيٽ مووي ڊيٽا بيس (IMDb) لنڪ شامل ڪرڻ گھرجي؟. پريانڪا چوپڙا پنهنجي ان انسٽا اسٽوري ۾ پنهنجي مڙس، گلوڪار نڪ جونس کي به ٽيگ ڪيو آهي.