ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
418
ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي
ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) ايشين هاڪي چيمپئنز  ٽرافي ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. ڍاڪا ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي اهم ميچ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ڀارت پهرين ئي ڪوارٽر ۾ مليل پنالٽي ڪارنر کي گول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.  ٻئي ڪوارٽر ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي، ٽئين ڪوارٽر ۾ ڀارت جي آڪاش دير سنگهه ٻيو گول ڪري برتري ٻيڻي ڪري ڇڏي، پر ٽئين ڪوارٽر جي پڄاڻي کان اڳ منٽ اڳ پاڪستان جي جنيد منظر گول ڪري برتري گهٽائي. چوٿي ڪوارٽر ۾ ڀارت هڪ وڌيڪ گول ڪري برتري 1-3 ڪئي، جيڪا ميچ ختم ٿيڻ تائين برقرار رهي.پاڪستان چيمپئنز ٽرافي ۾ ٽئين ميچ اڄ ڏکڻ ڪوريا خلاف کيڏندي.