ھنڱورجا (ن پ ا) گسٽا (مھيسر) گروپ پاران ايس او پيز تحت تعليمي ادارا نه کولڻ، ميرٽ تي ڀرتي ڪيل استادن جي معاشي قتل عام خلاف 19 مئي تي سنڌ جي ضلعي ھيڊ ڪواٽرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر مقصود مھيسر، الطاف سھتو، نياز حسين لنڊ ھنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ميرٽ تي ڀرتي ڪيل استادن جي انڪريمينٽ ڪٽوتي لاءِ فنانس کاتي پاران ليٽر جاري ڪيو آھي، جيڪو وڏو ظلم آھي. ھنن چيو ته استادن کي سالياني انڪريمينٽ ڏني وڃي، 2001 کانپوءِ ڀرتي ڪيل سمورن استادن کي ڀرتي تاريخ کان ريگيولر ڪيو وڃي ۽ 2001 کان اڄ تائين ڀرتي ڪيل استادن کي ڀرتي تاريخ کان اڄ تائين سينارٽي ڏئي پروموشن ڏنو وڃي. 2012 ۾ ڀرتي ڪيل پگھارن کان رھجي ويل استادن کي پگھارون ڏنيون وڃن. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي تعليم طرف عدم دلچسپي جي ڪري سنڌ جي تعليم تباھ ٿي رھي آھي، 40 ھزار استادن جون جايون خالي پيل آھن ۽ حڪمران تعليمي ايمرجنسي لاڳو ھجڻ جي دعويٰ ڪري رھيا آھن، ملڪ جي سڀني صوبن کان سنڌ جي تعليمي شرح گھٽ آھي، جيڪا افسوسناڪ جي ڳالهه آھي. ھن چيو ته تعليمي ادارا ايس اوپي تحت کوليا وڃن، اسان استاد تعليم ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. ھن چيو ته ڪورونا وائرس جي بچاءُ واري ويڪسين صحت کاتي جي ملازمن کانپوءِ استادن ۽ شاگردن کي لڳائي وڃي ۽ تعليمي ادارا مڪمل ايس او پيز تي عمل ڪندي نه رڳو کوليا وڃن پر شاگردن جا امتحان به ڪرايا وڃن. شاگرن کي پروموٽ ڪرڻ واري پاليسي به تعليمي جي تباھي جو سبب بڻجندي. ھنن چيو ته استادن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تعليم کاتو سنجيده ناھي. ھن چيو ته تعليمي وارو وزير سعيد غني کي سياست ڪرڻ جو وڏو شوق آھي، ان جو تعليم واري وزارت طرف به توجهه گھٽ آھي. ھن وڌيڪ چيو استادن سان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف گسٽا طرفان 19 مئي تي سنڌ جي سمورن ضلعي ھيڊ ڪواٽرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا، 17 مئي تي پ ٽ الف جي اڳواڻ شفيع محمد سٺيو پاران استادن جي مسئلن لاءِ اعلانيل احتجاجي مظاھرن جو گسٽا مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ٿي.