حيدرآباد ۾ ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿي ويو

0
476

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٻيهر اوچتو ڪڪڙ جي گوشت جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي آهي جنهن بعد ڪڪڙ جي گوشت جو في ڪلو 60 رپيا مهانگو ٿيڻ سان 500 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، هڪ ڏينهن دوران 60 رپيا في ڪلو تي واڌ بعد شهري پريشان سخت پريشان ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته رمضان جي سڄي مهيني دوران ڪڪڙ جي گوشت جو في ڪلو 400 کان 440 رپيا في ڪلو تائين هو. اوچتو 60 رپيا وڌڻ بعد انتظاميا پاران دڪاندارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. ڪڪڙ جي گوشت جو ڪاروبار ڪندڙ واپارين جو چوڻ آهي ته کين سنڌ جي پولٽري فارمن تان زندهه ڪڪڙ نه ملڻ سبب هو پنجاب مان ڪڪڙ گهرائي رهيا آهن جيڪا هتي پهچڻ بعد سمورو خرچ لڳائي ان حساب سان وڪرو ڪئي پئي وڃي. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا پاران مقرر پرائيز لسٽ ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو في ڪلو 430 رپيا مقرر هو جڏهن ته کين واپارين پاران مهانگي اگهه تي ڪڪڙ ملڻ کانپوءِ هو 10 رپيا منافعو رکي ڪڪڙ جو گوشت وڪرو ڪري رهيا آهن. دڪاندارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته انتظاميا پاران منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي نه ٿي ته عيد تي ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه ٻيهر وڌندو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 600 رپين تائين وڪرو ٿيندو. شهرين جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا پاران وڏي گوشت جو اگهه 500 رپيا مقرر ٿيل آهي پر ڪاسائي کين 600 رپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪن ٿا جڏهن ته ٻاڪري گوشت جي في ڪلو جي قيمت هڪ هزار رپيا مقرر ٿيل آهي پر ٻاڪرو گوشت وڪرو ڪندڙ دڪاندار کين 1200 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو پيا ڪن. اهڙي ريت ڪڪڙ جي گوشت جو في ڪلو پرائيز لسٽ ۾ 430 رپيا في ڪلو مقرر ٿيل آهي پر اهو گوشت 440 رپيا في ڪلو ملڻ بدران کين 500 رپيا في ڪلو تائين پيو ملي.