گرل فرينڊ جي ماءُ کي گردو عطيو ڪرڻ واري شخص سان ٺڳي، ڇوڪري ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي

0
949
گرل فرينڊ جي ماءُ کي گردو

ڪراچي: گرل فرينڊ جي ماءُ کي گردو عطيو ڪرڻ واري شخص سان ٺڳي، ڇوڪري ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي آھي، ڇوڪرا اڪثر ڪري پنهنجي گرل فرينڊز کي متاثر ڪرڻ لاءِ وڏي حد تائين ويندا آهن، اهي اڪثر ڪامياب هوندا آهن ۽ اڪثر ڇوڪرن کي ڏک ملندو آھي

اهڙو ئي هڪ عجيب واقعو ميڪسيڪو جي رياست باجا ڪيليفورنيا ۾ پيش آيو، جتي اوزل مارٽينيز نالي هڪ شخص پنهنجي گرل فرينڊ جي ماءُ کي بچائڻ لاءِ پنهنجو گردو عطيو ڪري ڇڏيو

پر اهو معلوم ٿيو ته ڇوڪري کيس هڪ مهيني بعد ڇڏي ڏنو ۽ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب اوزل جيڪو پيشي سان استاد آهي، ٽڪ ٽاڪ تي هڪ وڊيو ۾ چيو ته هن پنهنجي گرل فرينڊ جي ماءُ جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجو گردو عطيو ڪيو

بهرحال، آپريشن کان هڪ مهيني بعد، هن جي پيارکيس ڇڏي ڏنو ۽ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪئي آھي، اوزل مارٽينيز جي هڪ ئي وڊيو کي هن وقت تائين 15 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي ۽ صارفين وڊيو جي ڪمينٽس سيڪشن ۾ پنهنجي همدردي جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن

هڪ ٻي وڊيو ۾، اوزيل ٻڌايو ته، “مان ٺيڪ آهيان، هوءَ ۽ مان هاڻي دوست نه رهيا آهيون، پر اسان اڃا تائين هڪ ٻئي کان نفرت نه ڪندا آهيون