حيدرآباد/ ٽنڊو ڄام (نمائندا) حيدرآباد جي ايس ايس پي 8 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي.  ساڻس گڏ ڪراچي کان آيل ايس ايڇ اوز کان چارج ڇڏائي وئي آهي. ٽنڊو جام ٿاڻي تي هفتو اڳ مقرر ڪيل شاهد خان کي هٽائي اتي ڇلگري ٿاڻي تان تنوير شاھ کي مقرر ڪيو ويو آهي. ڇلگري ٿاڻي تي سائيٽ مان بدلي ڪيل اسلم ابڙو کي مقرري ڏني وئي آهي. هٽڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او شهزاد جٽ کي هٽائي بي سيڪشن مان بدلي ڪيل محمد علي ڌامراھ کي مقرر ڪيو ويو. بي سيڪشن ٿاڻي تي ٻڍاڻي مان بدلي ڪيل نجم الدين نظاماڻي جڏهن ته ٻڍاڻي ٿاڻي تي لائين مان غلام حيدرشاهاڻي کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي. سخي پير ٿاڻي تان رئيس خانزادي کي هٽائي لائين موڪليو ويو آهي جتي پڃاري ٿاڻي تان بدلي ڪيل ڪريم عباسي کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو. پڃاري ٿاڻي تي ڪاشف گاڏهي ۽ سائيٽ ٿاڻي تي نياز پنهور کي مقرر ڪندي جي او آر مان امتياز لاڙڪ کي هٽائي لائين ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي پاران پاڻ سان گڏ آندل آفيسرن کي پوسٽنگ نه ڏيڻ واري معاملي تي صحافتي حلقا تعجب جو اظهار ڪري رهيا آهن.