گاج جو رخ ڇو تبديل ڪيو ويو؟

0
277
قهر جي گرمي ۾ ٿڌاڻ ڏيندڙ گورک نٽهڻ ۾

1938ع کان پوءِ انگريز سرڪار گاج جو رخ ڇو تبديل ڪيو ۽ انهن کي هن نئين جي طوفاني وهڪرن مان ڪهڙو خوف هو؟ انهن کي اهو خوف هو ته اسان جي سرڪار سنڌو درياءَ جي پاڻي کي هاڻي بئراجي سسٽم تي تبديل ڪيو آهي ۽ انهن بئراجن تي اسان وڏي رقم ڪتب آندي آهي ان جي ڪري متان گاج جو پاڻي اسان جي پلاننگ کي ڪٿي هر هر تباھه ۽ برباد نه ڪري پوءِ انهن وڏي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته گاج نئين جي پاڻي جو رخ تبديل ڪري ڇڏجي، جيڪو رخ پياري پاٽ ۽ رڪن کان ٿيندو وڃي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ انهي نئين جو رخ هن پاسي کان تبديل ڪري منڇر ڍنڍ ڏانهن ڪيو ته جيئن پاڻي ضايع به نه ٿئي ۽ نقصان به نه ڪري. انگريز سرڪار کي به ملڪ جو ناڻو ۽ پنهنجي مضبوط پلاننگ محبوب هئي ۽ اهي پنهنجي ملڪ ماڻهن ۽ ان جي پاليسين سان سچا ۽ وفادار هئا. اهي نه پيا چاهين ته اسان جي بئراجي سسٽم کي نقصان ٿئي ۽ اسين هر سال ساڳي جاءِ تي پيا پنهنجو سرمايو استعمال ڪريون ۽ ان سان گڏوگڏ انهن کي ملڪ ۽ ماڻهن کي اڳتي وٺي هلڻو هو ۽ اهي هن پنهنجي عظيم مقصد ۾ نه فقط ڪامياب ٿيا پر انهي کي ڪاميابي سان هلائي به ڏيکاريو، ڇو ته انهن وٽ هڪ ٻن سالن جي نه پر ڏهن ويهن سالن جي پاليسي هئي تنهن جي ڪري اهي ڪامياب ٿيندا هئا. مگر بدفسمتي اسان جي سرڪار وٽ نه ڪا پاليسي آهي ۽ نه وري اسان جي سرڪار ان معاملي تي ڪا سنجيده نظر اچي رهي آهي. ڇو ته اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان 1947ع کان پوءِ انگريزن جي غلامي مان آزاد ٿيو، هاڻي غور طلب ڳالھه اها آهي ته 1947ع کان وٺي 2021ع تائين نئين گاج ۾ ڪيتريون ٻوڏون آيون ۽ انهن ٻوڏن نئين گاج جي پٿرن جي ڏنل بند کي ڪيئي ڀيرا ٽوڙيو نه پر ان جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيو ،پر پوءِ به اسان جي سرڪار ان طرف ڌيان نه ڏئي رهي آهي جيڪو ڏيڻو هو ڇو ته اسان جا حڪمران سنجيده نه هئا هن معاملي تي. يا ته هو هن معاملي کي ڪو معاملو سمجهن ئي نه پيا جو مڙئي اٽي ۾ لوڻ برابر ڏيان ڪندا هئا يا مصيبت مهل ميار لاهڻ لاءِ نوڙٽيس وٺندا هئا.جنهن ڪري هر ڀيري نه رڳو سرڪار جو نقصان ٿيندو آهي پر ماڻهن جي سڄي عمر جي ڪمائي به لڙهي ويندي آهي ۽ هڙان وڙان خرچ ڪري پيا گذر ڪندا آهن. نالي ماتر سرڪار جون ڏنل سهولتون جيڪي هتان جا رهواسي وڏين دانهن ڪوڪن ۽ احتجاجن کان پوءِ وٺي سگهندا آهن سي به نئين گاج جي نذر ٿيو وڃن، وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه وارو ڪم پيو هلندو آهي. هاڻي ڪجهه سالن کان ڪاڇي واسين پنهنجي ڪريل معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ٽيوب ويل سسٽم جو سهارو ورتو ۽ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ مس مس وڃي مستحڪم ٿيا ته ملڪ ۾ بجلي جي بحران ڪر کنيو پوءِ ڪاڇي واسين ڊيزل آئل انجڻين جو پاسو ورتو پر ڊيزل جي مسلسل اگهن ۾ واڌ جي ڪري ڪاڇي واسي ڊيزل جو خرچ برداشت نه ڪري سگهيا نتيجي ۾ ڪاڇي ۾ الائي سارا ٽيوب ويل بند ٿي ويا. وري ڪاڇي واسين جي قسمت ساٿ ڏنو اوچتو سولر پليٽون آيون ۽ هتان جا آبادگار پنهنجي بند ٿيل ٽيوب ويلن کي سج جي روشني تي توانائي ڏئي هلائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. قرض پکا کڻي سنگت ساٿ کان مدد وٺي ڪنهن پنهنجي زمين وڪڻي ۽ گهر جو ڪجهه قيمتي سامان وڪرو ڪري سولر پليٽون ورتيون ۽ انهن پنهنجي ٽيوب ويلن تي اچي لڳايون اڃان انهن جو قرض ئي نه لٿو هو ته نئين گاج ۾ ٻوڏون اچي ويون. ٻوڏون نه پر مها ٻوڏون آيون ۽ اهي سولر پليٽون لڙهي ويون جنهن جي ڪري ڪاڇي واسين خواب به انهن سولر پليٽن سان گڏ لڙهي ويا ۽ اهي وڌيڪ سورن ۽ مشڪلاتن ۾ اچي ويا. وري پنهنجي اچڻ واري وقت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ٿيا اوڌر قرض کڻي وري نئون سامان وٺي آيا ۽ اچي سولر پليٽون فٽ ڪيائون ۽انهن سان هڪ فصل به نه کنيائون ته وري مٿان ٻيون ٻوڏون اچي ويون جنهن اچي رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي. هاڻي هتان جا رهواسي صفا قرضن ۾ ڪارا ٿي ويا آهن سولر پليٽون لڙهي ويون، کوهه لٽجي ويا، ڪچا پڪا گهر مٽي جا ڍير ٿي ويا غربت ۽ بکن جي ڪري مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. هاڻي ماڻهو قرض لاهين،بيمارين کي منهن ڏين يا وري پنهنجي ماني ڳڀي جو بندوبست ڪن. ٻئي طرف وري سرڪار سڳوري نه گاج بند جو ڪم ڪرايو، جيڪو گذريل سال جي ٻوڏن ۾ ٽٽي پيو
هو ۽ ماڻهو خوف ۽ پريشاني واري صورتحال ۾ هئا ته ڇا ڪجي ۽ ڪيئن آبادي ڪجي ڇو جو بند جو ڪوئي آسرو ۽ اميد ئي نه آهي، جيڪا لٺ پاڻي جي ايندي اها وري اسان جا فصل ٻوڙيون هلي ويندي ۽ نقصان جو ڪير ازالو ڪندو؟ ٻئي طرف ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڪاڇي ۾ ٻوڏن اچڻ سان ماڻهن جي لکين ايڪڙ بنجر زمينون آباد ٿين ٿيون ۽ ماڻهن مان غربت ختم ٿئي ٿي ۽ ماڻهو خوشحال ٿين ٿا. انهي ڳالھه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته سڀني ماڻهن وٽ سوين جريب يا سوين ايڪڙ زمين نه آهي اها ڪنهن ڪنهن وٽ آهي ۽ اسين ان جي مثال بڻائي پوري ڪاڇي واسين کي هڪ قطار ۾ بيهاري اهو چئي ڇڏيون ته سڀئي ڪاڇي واسي ٻوڏن ۾ خوش آهن ته اها دانشمندي نه چئبي. چوڻ جو مطلب هي آهي ته ٻوڏن سان به بهتري اچي ٿي پر ان جي ڀيٽ ۾ نقصان تمام گهڻو ٿئي ٿو. هن وقت پوري ڪاڇي جا روڊ رستا ٽٽا پيا آهن ۽ ان جي ڪري ڪاڇي ۾ جيڪا مهانگائي جي لهر هلي رهي آهي ان طرف به ڏٺو وڃي ته ان ۾ سڀ کان وڌيڪ گهڻو متاثر ڪير ٿو ٿئي. تنهن ڪري ضرورت هن ڳالھه جي آھي ته اهڙي ڪا مثبت پاليسي آندي وڃي جنهن ۾ ڪاڇي واسين جو نقصان گهٽ مان گهٽ ٿئي ۽ ماڻهن ۾ خوشحالي اچڻ جا آثار پيدا ٿين .