وٺي هر هر جنم وربو

0
754

رات پدمات تي، چنڊ آيو چڙهي
روح جي روهه مان ڪونج ڪائي رڙي !
(نماڻو سنڌي)
جمن دربدر جي آتم ڪٿا تي ڳالهائجي، خود آتم ڪٿا ڪار تي ڳالهائجي يا ڪٿا ڪار جي جنني جنم ڀوميءَ تي ڳالهائجي ! مسئلو ڪجهه ڏکيو به آهي ۽ سولو به آهي پر ٽئي ڳالهيون، ٽئي حقيقتون، هڪٻئي کان ڌار نه آهن ان ڪري ابتدا ان ماڳ کان ڪجي، ان مٽيءَ کان ڪجي ته بهتر جتان جمن دربدر جو مٽيءَ پنوڙو ڳوهيو ويو ۽ هيءُ جوڙ جڙيو. جوءِ سان جيءُ جون جڙون يا ساڻيهه سان سڪ جو سڳو جهڙو سنڌي شاعرن جو جڙيل نظر اچي ٿو. اهو روءِ زمين جي شاعرن کان ڪجهه نيارو ۽ سرس ڏسجي ٿو. ڀل ڀلان جو ڇيهه نه آهي، شروعات استاد بخاري جي هڪ اوائلي غزل کان ڪجي ٿي جنهن ۾ جمن دربدر جي جنم، جوءِ جو يعني ٿر جو ذڪر سوايو آهي. ٿر سنڌ جو حسين خطو آهي ۽ سنڌ جي سونهن جو استعارو به آهي.
ڀورا ڀورا ڀينڊ هتان جا، ڇاجي چاندي، ڇا جو سون
ٿر جي واري، چلڪي واري، چنڊ ۽ تارا وسري ويا
شام شفق جي رنگيني ۾ ڳاڙهو هاڙو ۽ هالار،
ڳل ڳاڙهن محبوبن جا، محبوب نظارا وسري ويا
استاد بخاري ڀيٽ ۽ تشبيهه جي معاملي ۾ ڪامل جو ڪاريگر شاعر آهي. هو ٿر جي ڀورن ڀينڊن کي چاندي ۽ سون کان بهتر سمجهي ٿو پر ٻه اڍائي صديون اڳ ڪلهوڙن جي دور جي شاعر روحل فقير جي عزيز مراد فقير وٽ پدمات جي پٽن (روحل واءِ) جو مرتبو هالار جبل کان به وڌ اهميت رکي ٿو. هو چوي  ٿو
پسي پٽ پدمات جا، ٻن  پوي هالار،
ڏٺي منهن ميهار، مون ڏينهن جا ڏک ويا
هو پدمات جي ڀيٽ ۾ هالار جهڙي خوبصورت جبل کي ٻن وجهي ٿو پر پدمات جي پُسيءَ ۽ پکن جي پتِ آڏو هالار جي حلون کي به تڇ ڀانئي ٿو.
ور پسي پدمات جي، ٻن حلوا هالار،
جي هُون هيڪاندا يار، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان!
ٻن حلوا هالار جا، ور پکن جي پت
جي سڄڻ هُون سنگت ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان!
هڪڙي ڀيري علي بابا ڪارونجهر جي حسناڪي ڏسي چيو هو ته “ابول! ههڙي حسين ڌرتي سان ماڻهو غداري ڪيئن ڪن ٿا؟ سو آئون به انهي تسلسل ۾ چوان ٿو ته ابوءِ پدمات جي پٽن ۽ روحل واءِ جي حسين جوءِ سان کاروڙي جا سيد بيوفائي ۽ ٻيائي ڪيئن ٿا ڪن!”
ان روحل واءِ واري جوءِ ۽ پدمات جي پٽن کي روحل فقير ۽ مراد فقير جي وئي پڄاڻان اڍائي سئو سال گذرڻ کانپوءِ به روحل جو روح ۽ مراد جو من کڻي هلندڙ جمن دربدر هينئين ۾ حل ڪيو ويٺو آهي ۽ ڀٽائي جو ڀان ُبنجي چوي پيو ته
سڃو جي ساڻيهه ته به ونهيئان وترو
گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو
هو ته اڃان به هڪ وک اڳتي وڌائي جنم جنم ۾ وري وري هن ڌرتي تي موٽڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداهه ٿي ويندي چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو
ان اميد جي گهڙي ۾ ڄاول، ٻاجهاري ۽ آسروند انسان جمن دربدر جو گفتو گفتو، لفظ لفظ، جملو جملو رڪارڊ ڪري اتاري ترتيب ڏئي اسان جي يار علي زاهد، جمن دربدر جي شاندار آتم ڪٿا “وٺي هر هر جنم وربو” سهيڙي جس کٽيو آهي. يار علي زاهد! تو لاءِ اهو اعزاز گهٽ نه آهي ته تو جمن دربدر جهڙي منتشر ۽ معمر شخص جو خيال ۽ وارتا سهيڙي هيءُ عظيم پستڪ ترتيب ڏنو آهي. تون جيڪڏهن اسان وانگر  جمن دربدر ۽ عبدالواحد آريسر جهڙن جهونجهارن سان سالن جا سال هن ڌرتي جي ڌوڙيلن رستن تي پنڌ ڪرين ها، سندن ساٿ ۾ سنڌ جي وستي وستي واهڻ واهڻ، قومي شعور جو سفر جاري رکين ها ۽ پنهنجي جواني ۾ جوڀن جا انمول پل ۽ لمحا سنڌ ديس جي ڌرتي جي مٽِي ماٿي لائيندي گذارين ها ته هوند مون وانگر چوين ها ته “آريسر ۽ جمن دربدر جا پير ڌوئي پئجن، ته به هنن ماڻهن جي ڌرتي لاءِ پورهيي ۽ قومي ڪاپي جو قرض لهي نه ٿو سگهي.”
رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي
(حليم باغي)
جمن دربدر جي هي آتم ڪٿا/ جيون ڪهاڻي سندس ڪهڻي جو هڪ عڪس آهي پر سندس رهڻي يعني عملي زندگي جي تفصيلي پوتاميل جي ڄاڻ هڪ سائين جي ايم سيد کي هئي ٻي خبر عبدالواحد آريسر کي هئي ۽ ڪجهه ڪجهه آگاهي اسان کي به آهي. روحل واءِ جي واسي روحل فقير ڪهڙو نه سچ چيو آهي.
ڪهڻي تان هر ڪو ڪهي رهڻي اوکي بات
پڌري ٿيندي ذات رهڻي مان روحل چئي
الا الا! سائين جي ايم سيد جهڙو قدردان ڪو ٻيو نه ٿيو نه ٿيندو جنهن جمن دربدر جهڙي فقيرتن شاعر جي ٻن سٽن کي ٻڌي چيو هو ته جمن منهنجو استاد آهي. مون آواگون جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب پڙهيا پر هن ٿرئي شاعر ٻن سٽن ۾ اهو فلسفو مون کي ويرم ۾ سمجهائي ورتو. هڪ لمحي لاءِ مون تي جيڪا مايوسي طاري هئي ان کي هن اميد جي ويجهو ڪري ڇڏيو.
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداهه ٿي ويندي چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو
مون کي جڏهن اها خبر پئي ته تازو عمرڪوٽ جي هڪ عوامي جلسي ۾ قومي تحريڪ جي ٻن پراڻن ليڊرن جمن دربدر کي مٿين غزل نما ڪافي پڙهڻ جي اجازت نه ڏني ۽ ان جو ڪارڻ ڪنهن دوست جي پڇا تي هنن ٻڌايو هو ته جمن تازين چونڊن ۾ پنهنجي ڳوٺ مان ارباب غلام رحيم کي ووٽ نه ڏياريا هئا پر سندس مخالف کي ووٽ ڏياريا هئا ته مون کي سندن ظرف جو ٿانءُ ڏاڍو سوڙهو نظر آيو هو جڏهن ته جمن دربدر جي استاد ۽ رهبر سائين جي ايم سيد جي ظرف جي ڇا ڳالهه ڪجي! جڏهن سنڌ کي پنجابي اقتدار جي پيرن ۾ اڇلائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽي کي سنڌي سمجهي ڦاسي چاڙهيو ويو هو ته سائين ڳوڙهن ڀنل اکين سان شاهه لطيف جو هي بيت جهونگاريو هو.
مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي!
جمن دربدر! تون انهن ليڊرڙن کان وڏو آهين. تو وٽ ويگو ۽ پيجارو نه آهي ته مڙيئي خير آهي تنهنجي پيرن جي پنڌ تان تنهنجي وک وک جي نشان تان اهڙا ليڊرڙا هوند گهوري گهمائجن! ڀريل وک ته پنهنجي جاءِ تي تنهنجي کهي وک جو به مان مٿانهون آهي، جو ڀٽائي چئي ويو آهي ته
کهي جا کنيائين، وک تهين ويجهي ڪئي
ڇڪي ڇنائين، پنڌ مڙوئي پٻ جو
سو ڪوهه ڪري سڀڪا، تون کهي کڻج وک
تاڻج منجهان تک ته پنڌ پاسي ڀر نبري!
مون جمن دربدر جي آتم ڪٿا ۾ ٻه اکر لکندي سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪيترين ئي فيڪلٽين جو ذڪر ڪيو آهي پر اڄ هتي سن يونيورسٽي جي پنجن فيڪلٽين جو برسبيل تذڪرو ڪريان ٿو.
1.وائڙي، جنهن جو ڊين عبدالواحد آريسر هو
2.مورو، جنهن جو ڊين راشد مورائي هو
3.شڪارپور، جنهن جو ڊين شهيد قيوم منگي هو
4.جهمپير، جنهن جو ڊين رسول بخش درس هو
5.روحل واءِ، جنهن جو ڊين جمن دربدر آهي
هنن پنجن ئي فيڪلٽين جي هڪ خصوصيت هئي ته اهي قومي تحريڪ جا مرڪز هئڻ سان گڏ مهمان نوازي جا مرڪز هئا. شڪارپور قافلي سراءِ وارو قيوم منگي خانداني طرح مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ هو جڏهن ته وائڙي، موري، جهمپير ۽ روحل واءِ وارا چارئي ڊين غريبن جا ٻار ٻه ماستر (راشد ۽ رسول بخش) ٻه ٻڪرارن مارو ماڻهن جو اولاد (آريسر ۽ جمن) پر هنن پنجن ئي فيڪلٽين ۾ آڌي مانجهي، ڏينهن يا شام جو ڪيڏي مهل به وڃبو پاڻي پڇ ۽ ماني ڳڀو ضرور ملندو. سڀني جا منهن پيا مرڪندا، گهر ۾ ويلي جي توڻ به نه هوندي ته به مهمان بکيو نه ويندو. انهن پنجن مان چار يار ته ان پار هليا ويا جتي سندن رهبر وڃي پهتو پر جمن دربدر اڃان جيئرو آهي. هن جي ڪٿا پڙهندو ته هن جي ڄمندي ئي گهر ۾ مهمان پهتا هئا، سي به حر. انهن حرن انگريزن سان ويڙهه ڪئي الائي نه پر هن فقير کي حريت جي ستي ڏيئي ويا ۽ هيءُ انگريزي سامراج جي روحاني اولاد ڪاري سامراج سان اڃان جوٽڻيون جوٽيون بيٺو آهي. سندس گيتن جي گونج اڄ به قهر جي ڪوٽن ۾ڪنبڻي وجهي رهي آهي. شڪارپور، موري، وائڙي ۽ جهمپير جا ڊين اڄ هن دنيا ۾ موجود نه آهن پر شڪارپور ۾ عمران منگي ڀاءُ جي اوطاق وسايو ويٺو آهي. موري ۾ راشد جا ڳڀرو پٽ لطيف ۽ جيئيم اوتارو آباد رکيو اچن. وائڙي ۾ هارون، صالح ۽ سليمان جا هانوَ به هيڏا آهن،مهمان آيو ته ضرور مان لهندو.جهمپير جو جاني ته نه رهيو آهي پر ڀاڻس فياض، پٽن ۽ ڀائٽن ننگر، سانول، سارنگ ۽ ٻين جهمپير جي ويئري سڪڻ نه ڏني آهي جڏهن ته روحل واءِ جو راڻو خود بخود موجود آهي ۽ اڄ به اسان سندس مهمان آهيون. مان، ماني ۽ مريادا هن پدمات جي پٽ ۽ روحل واءِ جي جوءِ ۾ هر ويل ملندي رهندي. اچو ته گڏجي دعا گهرون ته روحل واءِ جي ويئري آباد هجي! هن فيڪلٽي جو ڊين جمن دربدر سدا سلامت هجي ۽ هن فيڪلٽي جا ليڪچرار ۽ پروفيسر حليم باغي، حاجي ساند، سگهڙ، هيمون ۽ راڻو ۽ ٻيا پنهنجون علمي، ادبي ۽ قومي ڪچهريون قائم رکيو اچن.
الله! جنگ جين، جنين اجهي گهاريان
شال مَ سڪي ويئري، جئان پيءُ پين
مرڪڻ اکڙين، تو ڏٺي، مون سک ٿيو
(شاهه)