راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ اهم دهشتگرد ڪمانڊر لياقت علي مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان به شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ضلعي خيبر جي علائقي شڪاس ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پاڪ فوج ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ دهشتگردن جو اهم ڪمانڊر لياقت علي عرف شاهين مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  پاڪ فوج جو جوان سليم خان دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، سهيد سپاهي جو واسط صوابي سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشتگردي ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث هو، سندس قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.