ٽنڊوالهيار( رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي عدالت ۾ ڀولو خانزادي جي قتل ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران ايس ٽي  پي اڳواڻن ۽ سي آئي اي جي ڊي ايس پي اسلم لانگا وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي، جنهن دوران ٻنهي ھڪ ٻئي تي الرون ڪري ڌڪا ڏنا. شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڀائرن کي ڪورٽ ۾ پيشي دوران ڪارڪن ۽ ورڪر ساڻ گڏ کڻي اچڻ تي اسلم لانگا ڪورٽ جي انٽري گيٽ تي روڪي ورتو، جنهن تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ۽ شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڀائرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٽ ٿي، ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ تي ڊي ايس پي سيد عرفان شاھ ۽ ايس ايچ او افضل مگسي وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ڇڏيو، بعد ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، افضل ڄسڪاڻي ۽ ذيشان جسڪاڻي  ڪارڪنن سان گڏجي احتجاج ڪيو. صحافين سان  ڳالهائيندي هنن چيو ته سي آئي اي  ڊي ايس پي اسلم لانگا ڪورٽ ۾ پيشي دوران ڌمڪيون ڏنيو آهن جنهن جي ڪري ڪارڪن ۽ ورڪرن ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي  ھنن چيو ته اسانکي پوليس سيڪورٽي نه ملي آهي جنهن جي ڪري اسين پيشي دوران ڪارڪن ۽ ورڪرن سان گڏجي عدالت ۾ اچون ٿا. هنن چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جو قاتل اسلم رند اسلم لانگا جو ماڻهو ھو. هنن سخت الزام هڻندي چيو ته اسلم رند سي آئي اي ڊي ايس پي اسلم لانگا جي منشيات وڪرو ڪندو هو هو چاهي ٿو ته اسين شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڪيس تان هٿ کڻي وڃون انهي ڪري هو اسانکي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسلم لانگا هڪ پلاننگ تحت ٽنڊوالهيار ۾ خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿو هنن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسلم لانگاکي ٽنڊوالهيار مان فوري ھٽايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا.