اسلام آباد/پشاور (م ڊ) اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي موڪلڻ جي معاملي تي وفاق ۽ ڪي پي ڪي آمهون سامهون، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي اسلام آباد ۾ فورسز موڪلڻ جي مخالفت ڪندي چيو  آهي ته ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، وفاق ڪابه مدد ناهي ڪئي، سيڪيورٽي جي وڌيڪ ضرورت هتي آهي، وفاق کي سيڪيورٽي اهلڪار نه ڏينداسين، وفاقي گهرو وزير اسلام آباد لاءِ سيڪيورٽي گهري رهيو آهي، اسلام آباد ۾ ڪهڙا دهشتگرد اچي رهيا آهن؟ احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، رانا ثناءُ الله چئي ٿو ته اسلام آباد ايندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين، هي ڇا مولا جت آهي يا ڪنهن گينگ جو سربراهه، ڇا اوهان ماڊل ٽائون جهڙو واقعو ورجائڻ چاهيو ٿا، سڌ سماءُ جي خاص صلاحڪار بيريسٽر سيف چيو ته وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ ڪي پي ڪي کان پوليس گهري رهيو آهي، صوبائي حڪومت پنهنجي پوليس فورس وفاق کي نه ٿي ڏئي سگهي. ان کان اڳ پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر چيو هو ته پنجاب ۾ پهرين ئي پوليس گهٽ آهي، اضافي نفري ٿئي ته پوءِ وفاق کي پوليس ڏينداسين.