اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ربيع سيزن لاءِ صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ ڪرڻ لاءِ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس 28 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي، جيڪو ارسا چيئرمين زاهد جوڻيجو جي صدارت ۾ ٿيندو، 28 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران ربيع سيزن لاءِ موجود پاڻي جي ڪاٿي تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي ويندي، ربيع سيزن دوران صوبن وچ ۾ ورڇ لاءِ ڪيترو پاڻي موجود هوندو ان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ 26 سيپٽمبر تي ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي، ارسا جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته ربيع سيزن دوران پاڻي جي کوٽ 28 کان 30 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي.