لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته هڪ گروهه چڙهائي ڪرڻ جو چئي رهيو آهي، ان جو ڪهڙو جواب ڏيون، ڇا هنن آڏو ليٽي پئون، عمران خان هٿياربند جٿي کي وٺي آيو تهانهي انداز ۾ منهن ڏينداسين، پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته اسلام آباد تي حملو ڪرڻ نه ڏينداسين، ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل نفري کان وڌيڪ موجود آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان به نفري گهري آهي، اهي جيڪو جواب ڏيندا رڪارڊ تي رکنداسين. هن چيو ته عمران خان جي نه مقبوليت آهي ۽ نه ڪو بيانيو آهي، جڏهن هي حڪومت ۾ هو ته مهانگائي هئي پر بيانيو اسانجي خلاف هو، هاڻ اسان حڪومت آهيون ۽ بيشڪ مهانگائي آهي پر وزيراعظم پرعزم آهي ته عوام کي رليف ڏئي سگهون ٿا. گهرو وزير چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان غلط معاهدو ڪيو، پوءِ ويندي ويندي قيمتون گهٽائي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ها ۽ اسان پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪريون ها ته ملڪ کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿئي ها. رانا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ تبديلي ضروري آهي، 15 ميمبر رابطي ۾ آهن، تبديلي لاءِ 4، 5 ووٽن جي ئي ضرورت آهي، صوبي ۾ گورنر راڄ جو فيصلو ڪابينا يا پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، وفاقي گهرو وزير چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو اعلان وقت تي ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن دٻاءُ ۾ اچي نالي جو اعلان وقت کان اڳ ٿيو ته اها اداري کي تباهه ڪرڻ جي ڳالهه هوندي، اها غلط روايت وڌي پئي وڃي، ان کي اتي ئي دفن ڪرڻو پوندو، عمران خان جي ان مطالبي تي قلعي آرمي چيف جي تبديلي تي ڪو اثر نه پوڻ گهرجي، وفاقي گهرو وزير چيو ته سي سي پي او لاهور جو ڪيريئر هنن وڃائي ڇڏيو، هن جو ڪم ناهي ته ڀاڪر پائيندو وتي، سي سي پي او کي گهرجي ته وفاق ۾ رپورٽ ڪري. رانا ثناءُ الله چيو ته اسحاق ڊار ايندڙ هفتي وطن واپس اچي رهيو آهي، معاشي ٽيم جي قيادت ڪندو، نوازشريف تي پارٽي فيصلو مڙهي نٿا سگهون، پارٽي جي تنظيم سازي ان جي هدايت تي ٿي رهي آهي، پارٽي نوازشريف کي درخواست ڪئي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي جي قيادت ڪري،نوازشريف پارٽي جي درخواست مڃي ورتي آهي.