ڪيسن جي جاچ جي حوالي سان مڃتا ماڻيندڙ انسپيڪٽر سراج لاشاري حيدرآباد مان ڪراچي بدلي

0
331
سراج لاشاري حيدرآباد مان ڪراچي بدلي
ڪيسن جي جاچ جي حوالي سان مڃتا ماڻيندڙ انسپيڪٽر سراج لاشاري حيدرآباد مان ڪراچي بدلي

حيدرآباد: ڪيسن جي جاچ جي حوالي سان مڃتا ماڻيندڙ پوليس کاتي جي انسپيڪٽر سراج لاشاري کي حيدرآباد مان ڪراچي بدلي ڪيو ويو آهي

انسپيڪٽر سراج الدين لاشاري حيدرآباد پوليس رينج ۾ ڪيسن جي جاچ جو آفيسر مقرر ٿيل هو جنهن کي بدلي ڪري ٽريننگ برانچ سنڌ ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي

ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سندس بدلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي. سراج لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن پاڻ بدلي جي درخواست ڪئي هئي ته جيئن هو ڪيسن جي جاچ واري معاملي مان نڪري ريڪروٽس کي پڙهائي سگهي

هن چيو ته سندس بدلي جو ناظم جوکيو جي جاچ جي حوالي سان ڪو به تعلق نه آهي

ھي بھ پڙھندا

حيدرآباد ۾ بدامني بعد ايس ايس پي انسپيڪٽر سراج لاشاري جون خدمتون گھري ورتيون