سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن اجلاس گهرائڻ ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي

0
165
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن اجلاس
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن اجلاس گهرائڻ ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن اجلاس گهرائڻ ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي آهي

48 ميمبرن جي صحيحن سان جمع ڪرايل ريڪوزيشن بعد حليم عادل شيخ، ڪنور نويد جميل ۽ محمد حسين گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته 2 مهينا گذري ويا آهن پر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ناهي گهرايو ويو، اسپيڪر اسيمبلي کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي ٿو

مڪاني ادارن جي بل سميت امن امان جي صورتحال سميت ٻيا کوڙ مامرا آهن، جن تي ايوان ۾ ڳالهائڻ گهرون ٿا پر اجلاس نه پيو گهرايو وڃي، جي ڊي اي جا اڳواڻ پريس ڪانفرنس ۾شريڪ ناهن ٿيا پر ريڪوزيشن تي جي ڊي اي جي ٻن ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن

هنن چيو ته ايوان اندر اپوزيشن کي ڳالهائڻ جو حق ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي ايوان اندر ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي ته پوءِ اسان به گهٽ نه ڪنداسين

حليم عادل شيخ چيو ته اسان جي ميمبرن کي ڳالهائڻ ته نٿو وڃي پر ڪڏهن وري مخالف ڌر جي ميمبرن لاءِايوان جا در به بند ڪيا وڃن ٿا، جماعت اسلامي کان هٿ سان ڌرڻو هڻائي اسيمبلي جو گيٽ بند ڪرايو ويندو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرز پاران ھڪٻئي تي الرون

مخالف ڌر ميمبرز سنڌ اسيمبلي ۾ علامتي جنازي جي کٽ کڻي پهچي ويا

سنڌ اسيمبلي  ۾ ناظم جوکيو مامري تي مخالف ڌر کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏنو ويو