هاڻي وقت اچي ويو آھي سنڌ حڪومت ڪيرائي وڃي: خرم شير زمان

0
147
هاڻي وقت اچي ويو آھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ايم پي خرم شير زمان چيو آهي ته اڄ اهم ڏينهن آھي، اپوزيشن زبردست ڪردار ادا ڪيو، جماعت اسلامي اسان سان نه ملي، هو فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آھي، هاڻ وقت اچي ويو آھي سنڌ حڪومت ڪيرائي وڃي

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ مخالف ڌر رڪيوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد اڳواڻن گڏيل طور تي پريس ڪانفرنس ڪئي

خرم شير زمان چيو آهي ته هن لوڪل باڊي بل ٻه نمبر آھي، ڪلھ عدالت اهم فيصلو ڏنو، حڪومت هڪ جماعت واري ايم پي اي سان معاهدو ته ڪري ٿي پر اسان اڪثريتي اپوزيشن سان نٿي ڳالهائي

هن چيو آهي ته پ پ هن صوبي کي ڪرپشن جي يونيورسٽي بڻائي رکيو آھي، هن وقت اسٽريٽ ڪرائم وڌي رهي ۽ روز ماڻهو ماريا پيا وڃن، 51 هزار اسڪوٽر ۽ 54238 موبائل ڦرجي چڪا آهن 26 گاڏيون به غائب ٿي چڪيون آھن، هتي ڊاڪو راڄ ۽ وائٽ ڪالر ڪرائم وڌي رهي آهي

ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو ته سنڌ حڪومت گذريل ٻن مهينن کان اجلاس ناهي گهرايو، ان دوران ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، 28 نقطن تي اسان ڳالهائڻ چاهيون ٿا، سنڌ حڪومت اسانجي ڳالهه ٻڌڻ بدران تشدد ڪيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن شهيد ٿي ويو

هن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر به زخمي ٿيا آهن، ٽنڊوالهيار ۾ ڪارڪن کي ماريو ويو، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، سپريم ڪورٽ جي گائيڊ لائين جي روشني ۾ نئون بلدياتي قانون جو بل منظور ڪيو وڃي، پي ٽي آئي به لوڪل گورنمينٽ بل جمع ڪرايو آهي، سڀني جي مشاورت سان اسيمبلي مان بل منظور ڪرايو وڃي جيڪو عوام جا مسئلا حل ڪري سگهجن

ھي به پڙھندا

نواز شريف بدنصيب آهي، ڪوڙي رپورٽ تي لنڊن ۾ رهڻ چاهي ٿو ۽ ماڻهن کي دوکو ڏين ٿا: شيخ رشيد