حيدرآباد: زخمي مسافرن ٻڌايو ته مسافر ڪوچ جي ڊرائيور سنگل روڊ هئڻ باوجود گاڏي تيز پئي هلائي ۽ اڳيان ويندڙ شهزور گاڏي کي اورٽيڪ ڪري نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران سامهون ايندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪر ٿيو ۽ بعد ۾ بصرن سان ڀريل مزدا گاڏي به پويان کان مسافر ڪوچ کي ٽڪر هنيو.